وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ لڳ نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺ عالي کبڙ ٻاهران زرعي زمين مان 35ورھين جي شادي شده نوجوان وزير علي وڳڻ  جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان ايس ايچ او وڳڻ غلام مصطفيٰ کوسو  جو چوڻ ته نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ نه هيو، نشي جو به عادي ھيو، خبر ناھي ته   ھن اھڙو قدم ڇو کنيو آھي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.