وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ويجهو ڳوٺ جعفراڻيءَ ۾ ٽوٽاڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمين جي وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن اصغر ٽوٽاڻي، احسان، شبير خان، عرفان علي، ممتاز ٽوٽاڻي ۽ ٻين چيو ته مخالفن هٿيارن ۽ ڏنڊا بردار ماڻھن اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسان جا ٽي ڄڻا راشد، عبدالله ۽ عبدالوحيد ٽوٽاڻي زخمي ٿي پيا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.