لاڙڪاڻو/وڳڻ (نمائندن وٽان) وڳڻ ويجهو نوجوان بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت، خبر موجب ڳوٺ ڪلهوڙا مغيري ۾ گهر اندر بجلي جي تار ۾ وچڙي ٻن ٻارن جو پيءُ 27 ورهين جو نوجوان شهمير پٽ گلزار مغيري سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.