وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ جي سياسي سماجي تنظيمن جماعت اسلامي ، سجاڳ نوجوان اتحاد ، المغيري نوجوان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ، وڳڻ عوامي حقوق اتحاد ۽ ٻين شھرين جي طرفان سنڌو مٿان غير قانوني طور 6 ڪئنال اڏڻ خلاف ۽ ھارين کان ڪڻڪ جي خريداري ڪري مناسب اگهه ڏيڻ ۽ بدامني ، ڦرن ، ڌاڙن ۽ سماجي براين خلاف 11 اپريل جو جمعي تي مک چوڪ تي احتجاجي مظاھري جو اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ شھرين، ھارين، آبادگارن، شاگردن، وڪيلن، اديبن ليکڪن، دانشورن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ زميندارن کي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اڳواڻن گلاب خان وڳڻ، وڪيل يار محمد مغيري، ڪامريڊ غلام حسين مغيري، الطاف وڳڻ، حافظ عبدالخالق پنهور ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ کي سڪائڻ ظالم حڪمرانن جي سازش رهي آهي، درياءَ اسان سڀني جي زندگي آهي، جيوت لاءِ به پاڻي ضروري آهي، سنڌ جو ھر فرد درياءَ تي ڌاڙو قبول نه ڪندو، جڏھن ته سنڌ جو عوام باشعور ٿي چڪو آهي، حڪمرانن کي تڪراري منصوبا بند ڪرڻا پوندا.