وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ علي اصحابو مان اغوا ٿيل نوجوان عذير تنيو جي بازيابي لاءِ وارثن کان 30 لک ڀنگ گهريو ويو آهي.مقصود تنيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عذير تنيو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو آهي، پٽ جي موبائل تان ڌاڙيلن بازيابي لاءِ 30 لک ڀنگ گهريو آهي. هن چيو ته ڌاڙيلن ڌمڪايو ته پئسا نه مليا ته نوجوان کي قتل ڪري لاش اماڻينداسين، ڌاڙيلن پاران اهڙي ڌمڪي ڏيڻ کان پوء موبائل بند ڪري ڇڏي آھي، هاڻي ساڻس رابطو نٿو ڪرايو وڃي. مزدوري ڪري ٻچڙا پاليندو آھيان ايترا پيسا ناھن جو پٽ کي بازياب ڪرائي سگھان. پٽ جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي.