وڳڻ (ن پ ا)وڳڻ لڳ ڳوٺ خيرو جتوئيءُ ۾ تيز برسات ۽ مٽيءَ جي طوفان دوران ڳوٺ ٻاھران پاڻيءَ جي تلاءَ تي چوڪيداري ڪندڙ پنجاھ سالا حبيب الله جتوئي برسات ۾ ٿڌ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، رابطو ڪرڻ تي سندس وارثن ٻڌايو ته سندن مرحوم ڳوٺاڻو وسندڙ برسات ۽ طوفان دوران پاڻيءَ جي تلاءَ تي چوڪي ڏئي رھيو ھئو جنھن دوران ھو برسات ۾ ڀڄي ويو کيس ٿڌ لڳي ۽ مٽي جي طوفان سبب سندس ڇاتي کي دز متاثر ڪيو جنھن سبب ھو سخت عليل حالت ۾ گھر پھتو کيس بروقت لاڙڪاڻي کڻائي وياسين جتي ھو ٽراما سينٽر ۾ فوت ٿي ويو.