وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻيءَ جي پرائمري اسڪول مان لکين رپين جي ماليت جون سولر پليٽون، بيٽريون، انورٽر ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو، واقعي خلاف استادن ۽ شاگردن هيڊ ماستر عبدالفتاح مغيري، غلام عباس تنيو، زبير احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته گذريل رات دير سان چور اسڪول ۾ داخل ٿي لکين رپين جي ماليت جون 2 ليٿم جون بيٽريون ، سولر پليٽون، ھڪ انوريٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن، اهڙو اطلاع وڳڻ ٿاڻي تي ڏنو آهي، پوليس پاران خاطري ڪرائي وئي آهي، ته جلد اسڪول جو چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو، پر اسان کي پوليس جي اھڙي خاطري تي يقين نه آھي، اسان پوليس کان مطالبو ڪريون ٿا ته چورن خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول مان چوري ٿيل لکين رپين جي ماليت جو سامان واپس ڪرايو وڃي .