وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ ياروديرو واسي ڪجھه ٽائيم اڳ ڳوٺ جي ناري  سان پسند جي شادي ڪندڙ 25 ورهين جي نوجوان جاني پٽ حاڪم علي تنيو ميھڙ ۾ گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي آپگھات ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو  ويو،  ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آھن ته نوجوان جاني تنيو ڳوٺ جي ناري سان پسند جي شادي ڪئي هئي،  جنھن کي سندس وارثن واپس ڪرائي ناري کي پنھنجي پيءُ حوالي ڪيو ھُيو، جنھن تان نوجوان وارثن کان ڪاوڙيل ھيو.نوجوان جي وارثن موجب ناري وارثن حوالي ٿيڻ بعد تر جي چڱن اهڙو فيصلو پڻ ڪيو هو ته نوجوان پنهنجي ڳوٺ به ڪونه ايندو جنهن بعد هو سخت پريشان رهڻ لڳو هو، اڄ هن اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي.