وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ  ڳوٺ جعفراڻي واسي برسات متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف شهر جي مک چوڪ تي ممتاز علي وڳڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ممتاز علي وڳڻ، گلاب وڳڻ ،ڪامران پنھور، امتياز خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات سبب گهر ڊهي پيا آهن،  3 مھينا گذرڻ باوجود به متاثرن جي ڪابه واھر نه ٿي سگھي آھي، بي گھر ٿيل پورھيت پنھنجي معصوم ٻچڙن ۽ عورتن سميت کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن،  من پسند ماڻھن کي امدادي سامان ملي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.