نوشهروفيروز/ميھڙ (نمائندن وٽان) ميھڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۽ فائرنگ واري ڪيس ۾ انچارج ايس ايڇ او راڌڻ منظور مستوئي پاران قلم 161 وارو بيان نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، ڪيس ۾ ڄاڻايل 200 نامعلوم ماڻھن مان ٽوٽل 27 ماڻھن جي سڃاڻپ ڪندي ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو آھي، پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ تازو چونڊيل پ پ پ ايم اين عرفان ظفر لغاري ،ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري ، نادر لغاري ، گلستان منگي ، غلام محمد ملاح، محمد اسلم سولنگي ، نظر علي پنھور  ، سعيد الله لاکير ، مير محمد لغاري ، عمران سولنگي  ، رجب علي لغاري  ، نواب سولنگي ، ارشاد لغاري  ، وزير کوسو  ، محمد سليم ابڙو  ، صفر عرف ظفر چانديو  ، پرويز پنھور  ، وسيم چانديو  ، ولايت چانڊيو ، صدام ٻلھڙو ، عامر ڪنڀر ، دانش چانديو ، راشد چانڊيو ، رشيد ٻگھيو ، مبين پنھور ، شاھزيب چانديو ، سبحان سھول سميت 27 ڄڻن کي نامزد ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري پڻ هاءِ  ڪورٽ مان ضمانت وٺي چڪو آھي، جڏهن ته نوشھرو فيروز جي سيشن جج پاران گرفتار ٿيل پ پ پ ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ، ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري ، پ پ پ يوٿ تعلقه صدر نظر پنھور سميت 7 ڄڻن جي 10/10 ھزار مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آھي جڏھن ته گرفتار ٿيل وڌيڪ 8 ڄڻن سعيد الله لاکير، مير محمد لغاري ، عمران سولنگي ، رجب علي ، محمد سليم ابڙو ،نواب سولنگي ،وزير کوسو ، ارشاد لغاري کي نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت گرفتار ٿيلن کي 2 ڏينھن جي رمانڊ تي 16 فيبروري تائين سب جيل ميھڙ موڪلي ڇڏيو آھي.