خبرون آهن ته، وزيراعظم شهباز شريف مستقبل ۾ شرپسندن جي اسلام آباد ۾ اچڻ کي روڪڻ، گذريل تازو وفاقي گادي واري شهر ۾ انارڪي ۽ فساد پکيڙيندڙن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي لاءِ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي. پڌرائيءَ مطابق، وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ، وزير اقتصادي معاملن احد خان چيما، وزير اطلاعات ۽ نشريات عطا تارڙ ۽ سيڪيورٽي فورسز جا نمائندا پڻ هن ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قائم ڪيل ٽاسڪ فورس يقيني بڻائيندي ته 24 نومبر تي انارڪي پکيڙڻ ۾ ملوث هٿياربند ۽ پرتشدد واقعن ۾ شامل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري، ته جيئن انهن کي قانون مطابق مناسب سزا ڏني وڃي. پڌرائيءَ مطابق، اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي انارڪي ۽ فساد جي ڪوشش کي روڪڻ لاءِ وفاقي فساد روڪڻ واري فورس (رائٽس ڪنٽرول فورس) ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته فساد روڪڻ واري فورس کي عالمي معيار جي پيشوراڻين صلاحيتن ۽ سامان سان ليس ڪيو ويندو.
اسان جي حڪمرانن کان جيڪڏهن ملڪ جو انتظام احسن طريقي سان نٿو هلي ته اهي ان جو اعتراف ڪرڻ بدران روز نوان نوان فيصلا ڪري وڌيڪ مونجهارا ۽ بحران پيدا ڪري رهيا آهن. پوليس سميت تمام گهڻيون فورسز موجود آهن پر ان جي باوجود حڪمرانن کي روز نيون نيون فورسز جوڙڻ ۽ ان لاءِ بجيٽ مخصوص ڪرڻ مرغوب مشغلو بڻيل آهي. مٿي ڄاڻايل فورس تازو اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي “آخري ڪال” ۽ ڊي چوڪ پهچڻ کان پوءِ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ روز احتجاج ۽ سياسي ڌرين جون چڙهايون ڪونه ٿيون ٿين پر حڪومت کي اجايو جواز گهرجي جو اها موجود فورسز سان ملڪ هلائڻ جي اهليت کان وانجهيل آهي. هونئن به ايڏو پرتشدد احتجاج تحريڪ انصاف طرفان ٿيو آهي ۽ عدالتن مان 9 مئي وارن وڳوڙن ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون نه ملڻ جي ڪري انهن جي حوصلي افزائي ٿي ۽ وفاقي گادي واري شهر تي يلغارن پٺيان يلغار ڪئي وئي. تازي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڪجهه افغاني رهواسي پڻ پڪڙيا ويا آهن، جنهن جو حل اهو آهي ته، انهن پرڏيهين کي 31 ڊسمبر تائين واري ڊيڊ لائين ڏيڻ جي بدران فوري طور تي تڙڻ لاءِ قدم کنيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو ۽ انهن کي لڪڻ ۽ محفوظ ٺڪاڻا ڳولهڻ جو موقعو ميسر ٿي ويو آهي. جيتري قدر احتجاج جو تعلق آهي ته هر احتجاج کي وڳوڙ قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ احتجاج هر شهريءَ جو جمهوري حق آهي. وڳوڙن جي نالي ۾ احتجاج کي چٿڻ واري عمل کي ڪنهن به ريت جمهوري نٿو چئي سگهجي. اها ته وفاقي حڪومت جي نااهلي هئي، جنهن جي ڪري تشدد پسند احتجاجي بنا ڪنهن گهڻي مزاحمت جي ڊي چوڪ تائين پهچي ويا ۽ پوءِ اتان ٿورڙو تعداد ته فورسز جي ڪريڪ ڊائون جي ڪري گرفتار ٿي سگهيو، باقي گهڻا ماڻهو واپس پنهنجي ٺڪاڻن تي پهچي ويا. ڇا حڪومتي اهلڪار اهو جواب ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪندا ته، اهي احتجاجي يا وڳوڙي ڪنهن جي سهولتڪاريءَ سان، سخت حڪومتي انتظامن جي باوجود، سڄي شهر کي ڪنٽينرن سان سِيل ڪرڻ جي باوجود ڊي چوڪ تائين پهچي ويا ۽ وري اُنهن کي فرار جو محفوظ رستو ڏنو ويو.
اسان حڪومت جي ان راءِ سان سهمت ناهيون ته، ڪا خاص فورس جوڙي، ان کي ڪو خاص ٽاسڪ ڏئي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ڇو ته اهو ڪم اڳ ۾ ئي موجود پوليس ۽ فورسز جي ذريعي ممڪن آهي پر حڪومت پنهنجي ڪوتاهي تي ڍڪ رکڻ لاءِ نوان فورس جوڙي خرچن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سياسي ڊائلاگ جي ذريعي سياسي مسئلا حل ڪيا وڃن. وفاقي گادي واري شهر تي ڪو پرڏيهي حملو نه ٿيو هو، جو حڪومت کي نئين فورس جوڙڻ جي ضرورت پئجي رهي آهي. معاملن کي سنجيدگي سان تدبر وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هڪڙي بحران تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ٻيا بحران پيدا ڪرڻ ڪنهن به ريت انتظامي ڏاهپ نه آهي.