وڪٽر جارا جا گِيتَ ۽ سوڳوار گِٽار!

0
84
وڪٽر جارا جا گِيتَ ۽ سوڳوار گِٽار!

 ٻي جنگِ عظيم جي خاتمي کانپوءِ سرمائيدار قوتن جڏهن پنهنجي ڪالوني بڻايل قومن ۽ ملڪن کي آزاد ڪرڻ شروع ڪيو ته ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ برطانيه، فرانس، اسپين، پرتگال ۽ ٻين ملڪن جي ظلم ۽ جبر کان آزاد ٿيا ۽ انهن ملڪن ۾ عوامي جمهوري ۽ سوشلسٽ تحريڪن جنم ورتو، جن اڳتي هلي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجين تحريڪن ۽ عوامي جدوجهد وسيلي ماڻهن ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ۽ انهن ڪالونيل سسٽم ۾ رهندڙ ملڪن ۾ انقلاب لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ لڳيون، جن جي مدد ڪرڻ لاءِ سوويت يونين جي صورت ۾ هڪ سوشلسٽ ملڪ جو عوامي ڀلائيءَ وارو ماڊل موجود هو، انڪري ڏتڙيل ملڪن جي عوامي تحريڪن کي ان مان گهڻو اتساهه مليو.

                 جنهن وقت اهي تحريڪون هلي رهيون هُيون، تنهن وقت کان وٺي سرمائيدار قوتن کي ڳڻتيءَ ورايو ته جيڪڏهن انهن کي ختم نه ڪيو ويو ته اڳتي هلي هُو سرمائيداري نظام جي تڏا ويڙهه ڪندا، تنهنڪري انهن  عوامي جمهوري ۽ خاص طور تي سوشلسٽ تحريڪن کي ختم ڪرڻ لاءِپنهنجا حِيلا هلايا ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلندڙ عوامي جدوجهد کي مضبوط ۽ مستحڪم ٿيڻ کان پهرين ختم ڪرڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون استعمال ڪندي انهن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي سرمائي ۽ نيٽ ورڪ وسيلي هُو ان ۾ ڪامياب ٿيا. لاطيني آمريڪا جو ملڪ چلي به انهن مان هڪ هو. 1960 ع کان وٺي آمريڪا جي چلي جي معدني وسيلن تي اک هئي، چلي ۾ copper  ۽ lithium جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جنهن کي هڙپ ڪرڻ لاءِ هن وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ اتي ٿيندڙ هر صدارتي اليڪشن تي پڻ اثر انداز ٿيندو رهيو.

چلي جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جنهن کي Chilean Spanish چوندا آهن. 99.3 سيڪڙو ماڻهو اها ٻولي ڳالهائيندا آهن، چلي کي شاعرن جو ملڪ به سڏيو ويندو آهي. وڪٽر جارا سن 1932ع ۾ چلي جي گادي واري هنڌ سنتياگو کان پنجاهه ميل پري اترين علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، اهو ڳوٺ هڪ وڏي جاگيردار جو هو، جتي سندس پيءُ، ماءُ هاري هئا ۽ ڪيترائي ڪلاڪ ڪم ڪندا ھئا، جڏهن سندس ماءُ ڪم مان واندي ٿيندي هُئي ته هن کي گٽار تي پنهنجي وطن جا لوڪ گيت ٻُڌائيندي هُئي، وڏي ٿيڻ کانپوءِ جارا ٿيٽر ڊائريڪٽر، استاد، گيتڪار ۽ گلوڪار ٿيو هو، پنهنجي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائيندو هو ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو، سندس آواز ۽ گيتن تي ماڻهو موهت ٿي پوندا هئا. ڇو ته سندس گيتن ۾ انهن جا دک درد ۽ ننڍيون ننڍيون خوشيون بيان ٿيل هونديون هيون. هُو انقلابي هو، سندس مقصد ماڻهن کي پنهنجن گيتن وسيلي متحرڪ ڪرڻ هو، سندس تعلق چلي جي پاپولر سوشلسٽ پارٽيءَ سان هو، جنهن جي اڳواڻي ان وقت سلواڊور آلندي ڪري رهيو هو، آمريڪا جي گهڻين ڪوششن باوجود 4/9/1970ع ۾ آلندي صدارتي اميدوار طور اليڪشن کٽي آيو، هن اچڻ سان زرعي اصلاحات ڪيون، سمورا ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا، تعليم ۽ صحت کي عام ڪيو ۽ پڻ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، نتيجي ۾ اهي ڌُريون هن جون سخت مخالف ٿي پيون، جن جي مفادن کي آلندي جي پاليسين ڪري نقصان پهتو هو، هن ٽي سال سخت محنت ڪئي، نتيجي ۾ ماڻهن جي دلين ۾ هن لاءِ محبت پيدا ٿي، جن سرمائيدار قوتن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو، جن آلندي خلاف خلاف سازش سٽي نيٺ 11/9/1973 تي جنرل آگستو پنوشي ملڪ مٿان مارشلا لڳائي، هن اچڻ سان هزارن جي تعداد ۾ آلندي جي حمايتين پارٽي ڪارڪنن ڊاڪٽرن، وڪيلن، استادن، يونيورسٽي جي شاگردن، مزدورن، هارين ۽ پورهيتن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کي سينتاگو جي ٻن وڏن اسٽيڊيم ۾ رکيو ويو، انهن مان هڪڙي اسٽيڊيم ۾ پنج هزار ماڻهن کي واڙي تشدد ڪيو ويندو هو، جن ۾ هنن ڪيترن ئي ماڻهن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، انهن مان هڪڙو وڪٽر جارا به هو، وڪٽر جارا همت نه هاري، هن پنهنجو آخري گيت لکي پنهنجن دوستن کي ياد ڪرايو ته، جيئن هو ان کي ملڪ کان ٻاهر موڪلي دنيا کي ٻڌائين ته، اسان سان ڪيترو ظلم ٿي رهيو آهي، هن جي آخري گيت جا ٻول هِي آهن:

اسين هتي پنج هزار آهيون

هن شهر جي ننڍڙي حصي ۾

اسان پنج هزار آهيون

نه ڄاڻ ٻين شهرن ۾ ڪيترا

قيد ڪيا ويا آهن

ڪيترا انسان هن چريائپ جي ڪري

بُک، اُڃ، ٿڌ، دُک درد ۽ عذاب مان گذرندا هوندا

اي سرجڻهار! ڇا تو ان لاءِ هِيءَ دنيا تخليق ڪئي هئي؟

ڇا تو ست ڏينهن ان لاءِ محنت ڪئي هئي؟

هتي ڳائڻ ڪيڏو نه ڪٺن آهي پر مان

ان خوف واري حالت ۾ ڳائيندس

مان مرڻ گھڙيءَ تائين زندگيءَ جا گيت ڳائيندس

منهنجا گيت رڙي رڙي خاموش ٿي ويندا

مون اهو ظلم ڏٺو آهي جيڪو مون

پهريان ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو

مون جيڪو محسوس ڪيو هو ۽ جيڪو

محسوس ڪريان ٿو پر مونکي يقين آهي ته

هڪ ڏينهن منهنجا گيت

هڪ تحريڪ کي جنم ڏيندا.

وڪٽر جارا پنهنجو اهو آخري گيت 16/9/1973 تي لکيو. ان کان پوءِ فوجي جنتا جا سپاهي کيس تشدد ڪرڻ لاءِ کڻي ويا، هڪ آفيسر هن کي ايتريون لتون هنيون جو سندس هٿن ۽ ڪراين جون هڏيون ڀڄي پيون، پوءِ ان آفيسر هن کي گٽار ڏيندي نفرت آميز طنز مان چيو؛ “جارا هاڻي ڳائي ڏيکار!” وڪٽر جارا ڀڳل هٿن سان گٽار کنيو ۽ پنهنجي گيت جي آخري سٽ “نيٺ فتح اسان جي ٿيندي….” جهونگاري، ان کانپوءِ مٿس 44 گن فائر ڪري قتل ڪيو ويو. ايئن دنيا جو هي عظيم انقلابي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو.

هن جا ڳايل گيت يوٽيوب تي موجود آهن، مون هن  جهڙو خوبصورت آواز نه ٻُڌو آهي، سندس ڳايل گيتن ۾ درد، اُميد ۽ انقلاب جي سرهاڻ آهي، هن لازوال انسان کي سَوين سلام، جنهن 41 سالن جي عمر ۾ انسانيت جي عظمت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي!