ڪانز (شوبز نيوز) ڪانز فلم فيسٽيول 2025ع دوران وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج ۽ آمريڪي اداڪارا انجلينا جولي اسرائيلي ظلمن خلاف پنهنجي منفرد انداز ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ فلسطيني شهيدن سان ايڪي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، جولين اسانج فيسٽيول جي تقريب ۾ اهڙي ٽي شرٽ پهري شريڪ ٿيو، جنهن تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ 2023ع کان هيل تائين شهيد ٿيندڙ پنج هزار فلسطيني ٻارن جا نالا لکيل هئا. ٽي شرٽ تي واضع انگريزي لفظن ۾ ”اسٽاپ اسرائيل“ لکيل هو، احتجاج انوکي انداز ذريعي جولين اسانج عالمي ضمير جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي عالمي شهرت يافته اداڪارا انجلينا جولي به ڪانز فيسٽيول دوران شهيد فلسطيني فوٽو جرنلسٽ فاطمه حسونه کي ڀيٽا پيش ڪندي جذباتي خطاب ڪيو.انجلينا جولي چيو ته فاطمه حسونه رڳو فوٽوگرافر نه پر مظلوم قوم جي اک هئي، جيڪا سچ جي تصوير ڪڍندي شهيد ٿي وئي. ياد رهي ته ڪانز فلم فيسٽيول ۾ چونڊيل دستاويزي فلم ۾ فاطمه حسونه اهم ڪردار ادا ڪيو هو، سندس فلم 15 اپريل 2025ع تي ڪانز فيسٽيول لاءِ چونڊي وئي هئي پر افسوس جو ٻئي ڏينهن سندس رهائشگاهه تي اسرائيلي هوائي حملا ٿيا، جنهن سبب هوءَ پنهنجي خاندان جي نوَن ڀاتين سميت شهيد ٿي وئي.