لاڙڪاڻو/رتوديرو(نمائندن وٽان) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي عدليه مٿان ڪيسن جو بار گهٽائڻ ۽ ڌرين جي رضامندي سان سندن وچ ۾ ٺاهه لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ کي ثالثي روم ۽ لائبريري لاءِ پي ايل ڊي جي آن لائين سبسڪرپشن ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو کي نئين طرز تي ڪئنٽين ۽ ڪنسٽليشن هال سان گڏ ثالثي هال به ڏينداسين، جيڪا صرف ثالثي روم نه هوندو پر اسان جي جڊيشري جي سائيڊ کان وڏي عرصي کان عدالت جي قانوني ڪارروائي هوندي آهي، جيڪا وڌندي رهندي آهي، تنهن ڪري ان جو حل اسان ثالثي جي ذريعي ڪڍي ورتو آهي، پوري دنيا ۾ هن وقت ڪيسن جو فيصلو ثالثي جي ذريعي ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ عدالت مان قانوني ڪارروائي جي فيصلي ۾ هڪ خوش ۽ هڪ ناخوش هوندو آهي، تنهن ڪري قانوني ڪارروائي ته ختم ٿي ويندي آهي پر رشتن کي هلڻو هوندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو طرفان ڪوٺايل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ چيو ته ثالثي هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن سان توهان نه صرف ڪيس جو ٺاهه ڪندا آهيو پر قانوني ڪارروائي ڪندڙ ٻن ڌرين کي خوش ڪري موڪليندا آهيو ته انهن جو رشتو به برقرار رهندو آهي، تنهن ڪري وڪيل برادري کي پنهنجي ڪلائينٽ سان ويهي ڪري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهڙا ڪيس جنهن ۾ ڀيڻ، ڀائرن، زال مڙس جنهن ۾ ٻارن جي حوالگي يا فيملي پارٽنرشپ اهي جيڪڏهن ٺاهه يا ثالثي جي ذريعي حل ٿين ته ان سان توهان جي قانوني ڪارروائي جو بار به ختم ٿيندو، ويندو ۽ وڪيلن جي پريڪٽس تي به ڪو حرف نه ايندو ۽ توهان کي پنهنجي فيس باقاعدي ملندي، ڇاڪاڻ ثالثي ٻئي ڪنهن جي نه پر توهان جي ذريعي ئي ٿيندي، تنهن ڪري اسان توهان کي هڪ ثالثي هال ٺهرائي ڏينداسين. هن چيو ته ڪراچي وڃڻ يا موڪلن بعد منهنجو پهريون ڪم اِهو هوندو ته خالي پيل جاين کي ڀريون وينديون، هتي توهان ڏوڪري جي ڳالهه ڪئي هئي، ڏوڪري جي عمارت ٺهي رهي آهي ان ۾ روينيو ڪمپيونينٽ ٽيبل، ڪرسي ۽ ميز سول ورڪ کان پوءِ ايندو آهي، اميد آهي ته مهيني تائين يا ان کان گهٽ عرصي ۾ سول ورڪ مڪمل ٿيندو تنهن ڪري ڏوڪري کي هڪ مهيني کان پوءِ نه صرف فرنيچر ڏينداسين پر هتان جي وڪيلن کي لائبريري لاءِ پي ايل ڊي جي سبسڪرپشن به ڏينداسين، جنهن سان توهان ڪتابن بجاءِ آن لائن به اها سبسڪرپشن پڙهي سگهندا. هن چيو ته هي زمين ۽ ڌرتي منهنجي آهي، مان جيڪڏهن ان کي وقت نه ڏيندس ته ٻئي ڪنهن کي وقت ڏيندس. هن چيو ته 2012ع ۾ جڏهن مان جج ٿيس ته منهنجي ڪراچيءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ جج طور مقرري ٿي، مان فخر سان چوندس ته جيڪا بار مون کي لاڙڪاڻي ۾ ڏسڻ ۾ ملي شايد ايتري ٿڌي، پرسڪون ۽ پرامن بار مون ڪٿي نه ڏٺي، هن چيو ته مان هتي پٿر سان شيشي کي ۽ شيشي سان پٿر کي ٽوڙڻ لاءِ نه پر جوڙڻ ۽ محبت لاءِ آيو آهيان پر ها تقدير جي مان ضرور ڳالهه ڪندس ڇاڪاڻ جنهن جا هٿ به ناهن هوندا پر ان جي به تقدير هوندي آهي، ڪنهن کي ڇا، ڪٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڏيڻو آهي اهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ لکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته وڪيلن ڪار پارڪنگ جي گذارش ڪئي منهنجي خيال ۾ هتي ڪافي اسپيس موجود آهي جيڪڏهن توهان اسپيس جي نشاندهي ڪيو ته اسان توهان کي ڪار پارڪنگ به فراهم ڪري ڏينداسين. هن چيو ته منهنجي وڪيلن کي گذارش آهي ته هو پنهنجا ڪيس دلچسپي سان ٺاهي انهن ڪيسن ۾ ججن جي مدد ڪن ۽ سوالن جي روشني ۾ پنهنجي ڪيس کي ٺاهن، توهان يقين ڪيو ته هي اها زمين آهي جنهن هميشه بهترين جج ڏنا آهن، ٻئي پاسي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ۾ اڪائونٽس اينڊ رڪارڊ برانچ سميت بار روم جي ايڪسٽيشن جو افتتاح ڪري دعا گهري.