سکر: لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اطهر عباس سولنگي چيو آهي ته پ پ وارا اڄ واري جلسي ۾ لنگهي ڏيکارين، هن چيو ته ٻئي ڊرامي باز آهن، جيڪي قوم سان دوڪيبازي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته بلاول جو جلسو ڪرڻ جي لاءِ اهو اعلان ڪيو ويو آهي، هن جو چوڻ هو ته رستا بند هوندا، اسان نه اُٿنداسين، هِتان ڪراس ڪري ڏيکارين، هنن جي لاءِ رستو ناهي، اوهان جيڪڏهن اسان جي نِڙيءَ تي لت ڏيندا ته اسان به اوهان جي نڙي تي لت ڏينداسين، هن چيو ته مان ميٽنگ ۾ نه هئس، 48 ڪلاڪن جو حڪومت کي ٽائيم ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته وڪيل روهڙي جنڪشن تي ويهي ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪندا.