حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جو احتجاج اتساهيندڙ آهي، وڪيلن جي احتجاج جي عوامي تحريڪ ڀرپور حمايت ڪري ٿي، سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو آهي، سنڌو درياءَ ئي سنڌو تهذيب کي جنم ڏيندڙ آهي، سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ سموري سنڌ پرامن جمهوري جدوجهد ڪندي، هنن چيو ته 26هين آئيني ترميم وسيلي عدالتي نظام کي مفلوج بڻايو ويو آهي، 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدالتون بي وس بڻيل آهن، بنيادي انساني حقن جو روح مجروح ڪيو ويو آهي، 26هين آئيني ترميم پاس ڪري ملڪ جي آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو ويو آهي، هنن  چيو ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا زمينن تي قبضن جا منصوبا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ وسيلي معاشي خوشحالي بدران بدحالي جو دور شروع ٿيندو، ڪارپوريٽ فارمنگ وسيلي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڦٻائي پئي وڃي، سنڌ جو عوام پنھنجي تاريخي وجود کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪري ايندو ۽ ڪالاباغ ڊيم جيان ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا ۽ نوان ڪئنال رد ڪرائيندو.