
سکر/خيرپور(نمائندن وٽان) وڪيلن پاران ڌرڻن تي پوليس چڙهائي، فائرنگ ۽ شيلنگ جي مذمت، وزيراعليٰ گهرو وزير ، آءِ جي ۽ لاڳاپيل ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان، ضياءَ الحسن لنجار جو وڪالت وارو لائسنس معطل، اڄ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان. ٻن ڏينهن تائين پوليس جي ڪنهن به آفيسر، اهلڪار کي عدالتن ۾ داخلائن تي پابندي، 2 مئي تائين وفاقي حڪومت کي ڪئنالن ۽ سنڌ حڪومت کي ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي مهلت، بعد ۾ ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ ۽ وزير اعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ سميت مختلف آپشنز تي غور، تفصيل موجب سنڌو درياءَ تي تڪراري سنڌ دشمن ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ جي نالي تي هڪ لک 92 ايڪڙ زمينون سرمائيدارن ۽ ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف ڪالهه يارهين ڏينهن به ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري رکيو ويو، خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر سيد جعفر شاهه جي رهائش گاهه تي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو، ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ، بار ڪائونسل جي اڳواڻ شفقت رحيم راجپوت، آل سنڌ لائيرز ايڪشن فورم جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ رحمان ڪورائي، هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي، سيد جعفر شاهه شريڪ ٿيا، اجلاس لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ جاري رهيو، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيل اڳواڻن وڪيلن جي ڌرڻن تي پوليس جي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ، وڪيلن جي ڌرڻن تي حملي، فائرنگ، شيلنگ ڪرڻ تي وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي، لاڳاپيل ضلعي جي ايس ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪيو ويو ته هو ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪن ٿا، جنهن بعد اسان احتجاج کي نه واڌايو، اميد هئي ته نوٽيفڪيشن ملي ويندو، پر بدقمستيءَ سان رات گولا موڙ ۽ ڪراچي ملير ۾ حملا ڪري فائرنگ، شيلنگ ڪئي وئي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، حڪومت کي چئون ٿا ته اوهان پنهجي منافقت ختم ڪريو، جيڪڏهن اوهان ڪئنالز ختم ڪريو ٿا ته نوٽيفڪيشن ڏيو، جيڪڏهن نٿا ڪيو ته واضع ٻڌايو، هن چيو ته ڌرڻن کي ڊسٽرب ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي، اهو ئي مقصد آهي ته ڌرڻا ختم ٿي وڃن ۽ ڪئنالن متعلق ڳالهيون نه ڪريون، هن وقت پوري سنڌ جاڳي پئي آهي، اسان ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، جيستائين اهي مطالبا تسليم نٿا ٿين تيستائين ڌرڻا جاري رکيا ويندا، هن چيو ته حڪومت کي چئون ٿا ته يا سي سي آءِ جو اجلاس جلدي گهرايو يا ٻه مئي تائين ڌرڻن کي ڊسٽرب نه ڪيو وڃي، 48 کان 50 سينٽي گريڊ دوران ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ پريشانيءَ ۾ ويٺا آهن، عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪور ڪاميٽي متقفه طور تي فيصلو ڪيو آهي ته جن اسان جي ڌرڻن کي ڊسٽرب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اسان انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، جيڪڏهن پوليس ايف آر داخل نه ڪئي ته 22 اَي جي پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، جيڪڏهن اِن باوجود مٿن ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي ته قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، هن چيو ته هنن جي بدنيتي اِن ڳالهه ۾ آهي ته سي سي آءِ ۾ ڪجهه ميمبر آهن اُنهن کي جلد گهرائي اجلاس ڪرڻ بجاءِ ڌرڻڻ تي حملا ڪيا پيا وڃي، هي چڱي ريت سمجهن ته وڪيل نه ويندا، اسان پريس ڪانفرنس وقت ئي چيو هو هي لالي پوپ آهي، اسان انهن جي ڳالهين ۾ ڪڏهن به نه اينداسين، پ پ جشن ملهايو آهي اسان ته چئون ٿا نوٽيفڪيشن آڻي ٻيو به جشن ملهائين، هن چيو ته جنهن منصوبي سان عوام کي تڪليف پهچي ٿي اُن منصوبي کي فوري رد ڪرڻ گهرجي، اِنا، ضد جو مسئلو نه هجڻ گهرجي، حڪومت کي اسان اهو نه چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي ڳالهين ۾ اسان جي ڪنهن ميمبر کي شامل ڪيو وڃي، اسان جو مقصد صرف اها رٿا ختم ڪرڻ آهي، هن چيو ته 2 مئي کان پوءِ ڪاميٽيءَ جو اجلاس گهرايو ويندو، ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ، سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ، عدالتي ڪارواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ سميت مختلف آپشنز آهن، بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو ته اسان کي پاڻ ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جا سمورا وڪيل متحد آهن، هي تحريڪ سنڌ جي هر ٻار، مرد ۽ عورت جو حصو بڻجي وئي آهي، ايترا ڏينهن ويٺا آهيون پر اسان کي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪرڻو پيو، هِتان ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، هن چيو ته مولانا راشد محمود سومرو جو اڄ گمبٽ ۾ رٿيل جلسي ۾ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جو صدر اطهر عباس سولنگي شرڪت ڪندو، اسان وٽ جيڪا به دعوت ايندي قبول ڪنداسين پر شرط آهي ته اهو شخص اُن سازش جو حصو نه هجي، وڪيل اڳواڻ عاشر کوکر چيو ته ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن رد ٿيڻ کانپوءِ ئي حڪومت سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، باقي ڪئنالن واري معاملي تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اطهر عباس سولنگي چيو ته گڏجاڻيءَ ۾ متفقه طور تي طئي ٿيو آهي ته گهرو وزير ضياءَ النجار، آءِ جي سنڌ پنهجي عهدن تان استعفيٰ ڏين نه ته تحريڪ انهن جي خلاف به وسيع ٿيندي، شفقت رحيم راجپوت پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا آڏو صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي وڪالت جو لائسنس رد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ته سنڌ حڪومت ڪنڌڪوٽ ۽ ڪراچيءَ ۾ پر امن مظاهرو ڪندڙن مٿان حملو ڪيو، گهرو وزير کان مطالبو ڪريان ٿو ته ٻن ڪلاڪن اندر جِتي به ڌرڻا لڳل آهن اُتان پوليس کي هٽايو وڃي، آءِ جي سنڌ کي چوان ٿو ته هو ٻن ڏينهن تائين سنڌ جي ڪا به پوليس عدالتن ۾ نه موڪلي، حالتون خراب نه ٿين، اسان پر امن ماڻهو آهيون، ٻن ڏينهن تائين پوليس جي عدالتن ۾ انٽري تي پابندي آهي، سيد جعفر شاهه چيو ته اسان جا آئيني، قانوني جائز مطالبا آهن، سنڌ جي عوام تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ آهي، جيڪڏهن هنن ڪجهه ڪيو ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن ڪنهن ڌرڻي ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته اسان اُن لاڳاپيل ايس ايس پي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عوام کي حق ڏيارڻ حڪومت ۽ پارٽين جو ڪم آهي، جِتي حڪومت عوام کي حق نه ڏنا، عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي اُتي وڪيل برادري ميدان ۾ ايندي، رحمان ڪورائي چيو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مورو، خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ اسپيشل ٽاسڪ ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، اسان سمورن ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز، آءِ جي ۽ گهرو وزير کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ان قسم جا هٿڪنڊا استعمال نه ڪن.