ميرپوربٺورو(ن پ ا) ميرپوربٺوري ۾ سنڌ هائوس تي جيئي سنڌ قومي پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، ٺيڪيدار بشير ملاح، امير بخش ملاح، بابو ملاح، بهادر علي ڪنڀار، سردار ڪنڀار، سجاد مڱڻهار، اشفاق مڱڻهار، جمن ملاح ٻيا شامل هئا. آجياڻي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جسقپ چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سياست ئي قومن کي بچائي ٿي. سنڌي قوم جو مستقبل قومپرست سياست سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري سنڌين کي قومپرست سياست جو حصو ٿيڻ کپي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ڪئنالن واري تحريڪ کي وڪيلن جتي پهچايو آهي، اتان کان اسين اڳتي وٺي وينداسين ۽ سنڌو درياءَ جي مڪمل بحاليءَ تائين پهچائي ڪامياب ڪنداسين، پنجاب کي سنڌو نديءَ جو رخ موڙڻ نه ڏبو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ۽ ٻين پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، وفاق جي نالي ۾ پنجاب سنڌ جا وسيلا ڦٻائي رهيو آهي، هر قسم جي ڦرلٽ جي خلاف جدوجهد ڪري ڦورو قوتن کي شڪست ڏينداسين. ان موقعي تي ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، نانا سرائي عثمان زئور، جي ايم زئور، وقار ميراڻي، تاب علي قنبراڻي، شفيع محمد زئور، لطيف زئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.