سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي جي پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جاويد ميراڻي جي عدالت ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، وڪيل فاروق جتوئي، نور الدين چوهاڻ ۽ ٻيا واسطيدار پيش ٿيا، وڪيل فاروق جتوئي موجب باگڙجي ٿاڻي تي مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ڌمڪين واري ڪيس ۾ عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو ته وڪيل پاڻي مامري تي سڀ کان اڳڀرا آهن، جيڪا تحريڪ وڪيلن، شاگردن جي هوندي آهي، اها نتيجا ڏيندي آهي، هن چيو ته سنڌ کي ناراض ڪري اگر اوهان ڪئنال ڪڍو ٿا ته پوءِ اوهان وفاق کي مضبوط نٿا ڪرڻ چاهيو، مشرف به ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر ناڪام رهيو، اميد آهي ته تڪراري ڪئنالن ڪو ڪم روڪيو ويندو، هن چيو ته پ پ کي گهرجي ته وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ بدران ٽن صوبن جي گورنر شپ، صدارت، سينيٽ چيئرمين شپ ۽ سنڌ حڪومت ڇڏي ڏئي پوءِ سمجهنداسين ته سنڌ سان هو سچا آهن.