لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيلن جي آفيسن جي بجلي بلن ۾ سيلز ٽيڪس وصولي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته رٽيلر اهڙو فرد هوندو آهي، جيڪو شيون عوام کي وڪرو ڪندو آهي، وڪيل گراهڪ کي قانوني خدمتون ڏيندا آهن، ان ۾ شين جي فراهمي شامل آهي، تنهن ڪري وڪيل رٽيلر جي تعريف ۾ نٿا اچن، وڪيلن جي آفيسن کان سيلز ٽيڪس وصول نٿي ڪري سگهجي.