صالح پٽ (رپورٽ: منير مهر) سنڌ جي صالح پٽ، ڪنڌرا، روھڙي ۽ سنگرار سميت مختلف پنچائتن جي اڳواڻن مکي اشوڪ ڪمار، مکي لڌو مل، مکي نامومل، ڪيلاش ڪمار، ڪرشن جڳواڻي، مغوي نوجوان جي پيءُ ڌنو مل، ملڪي مل، لڇمڻ داس ۽ ٻين ڏيوري صاحب مندر ڪنڌرا ۾ بخشاپور مان اغوا ٿي ويل نوجوان وڪرم لال جي بازيابي لاءِ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، هندو اڳواڻن پ پ اڳواڻ کي چيو ته پوليس اڃا تائين نوجوان وڪرم لال کي بازياب نه ڪرائي سگھي آھي، جنھن ڪري  ھندو برادري ۾ مايوسي پکڙيل آھي، هنن چيو ته نوجوان جي امڙ پٽ جي صدمي ۾ بيمار  ٿي پئي آھي ۽ کائڻ  پيئڻ ڇڏي ڏنو آھي، هنن چيو ته سنڌ ۾ اسان سان ظلم ٿي رھيو آھي، اسان جي نوجوان جي اغوا کي 6 ڏينھن ٿي چڪا آھن پر پوليس ڪجهه ناهي ڪيو، ان موقعي تي خورشيد شاهه ھندو برادري جي اڳواڻن کي يقين ڏياريندي چيو ته توھان جي نوجوان جي بازيابي واري ڪم ۾ رات ڏينھن لڳو پيو آھيان، ڊي آءِ جي سان به روزانو رابطو آھي، ٻن ٽن ڏينھن ۾ نوجوان آزاد ٿي ويندو.