پيرجوڳوٺ(رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ وڏا پنھيار ڀرسان ھٿياربندن گوليون هڻي 10 سالن جي نينگر علي رضا پٽ علي احمد ميتلو کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي احمدپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ نينگر جي پيءُ علي احمد ميتلو جو چوڻ هو ته اسان پيءُ پٽ ٻئي تلو ڀانڊو پنهنجي مائٽن ڏانهن ويا ھئاسين جتان ڳوٺ واپس اچي رھيا ھئا سين، ته ھٿياربندن حملو ڪري سڌيون گوليون هڻي سندس معصوم پٽ کي بيگناھ بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته ميتلا برادريء جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ٻڌايو وڃي ٿو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون حقيقت سامهون اڄڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو،