ملڪ ۾ چوماسي جي وڏ- ڦڙي وسڪار جي هڪڙي لهر اڃان هلندڙ ئي آهي ته مٿان وري نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اڄ کان 5 جولاءِ تائين ملڪ ۾ وڏ- ڦڙي مِينهن ۽ امڪاني ٻوڏن، لينڊ سلائيڊنگ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل الرٽ سنڌ سميت گلگت- بلتستان، ڪشمير، پنجاب، خيبر- پختونخوا بابت آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت 2 کان 5 جولاءِ دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ به شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سنڏ ۾ گهڻين برساتن سبب شهري ٻوڏ جي خدشي بابت آگاهي ڏني وئي آهي۔ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب ڪمزور اڏاوتون، ڪچيون ڀتيون، بجلي جا پول ۽ بل بورڊ ڪِري سگهن ٿا، جڏهن ته واچ ۽ طوفان سبب نظر جي حد گهٽجڻ ڪري حادثن جو خطرو وڌي سگهي ٿو۔ اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ بلوچستان جو ڪو به ذڪر نه آهي.
تيزيءَ سان ايندڙ موسمي تبديليون سڄي دنيا جي ملڪن کي شديد متاثر ڪري رهيون آهن. زلزلا، سونامي، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ، گهڻين برساتن سبب ايندڙ ٻوڏون تباهي آڻي رهيون آهن. دنيا جا ملڪ تبديل ٿيندڙ ماحول ۾ جيئڻ جا گس ڪڍي رهيا آهن، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديليون آڻي رهيا آهن، پر اسان ان جي ابتڙ اهو چاهيون ٿا ته تبديل اسان ۽ اسانجي ماحول کي نه پر فطرت کي ٿيڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو اسان هر ڀيري ايندڙ قدرتي آفتن مان سکڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪريون. نه اسان وٽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو موثر طريقو آهي ۽ نه ئي وري انتظاميا ۾ ڪا اهليت آهي. سنڌ ۾ ته اها حالت وڌيڪ خراب آهي. هتي ڪا قدرتي آفت تباهيءَ کي جتي ڇڏيندي آهي، ٻي وري ان جو تسلسل اتان شروع ڪندي آهي. 2010ع واري ٻوڏ جي متاثر ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي مڪمل بحالي نه ٿي سگهي هئي جو 2022ع واري ٻوڏ وري سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ شهرن مان پاڻي ڪيترن ئي مهينن تائين ان ڪري نه ڪڍيو ويو ته ٻاهرين ڊونر ادارن کي ڏيکاري امداد ۽ فنڊ وٺي سگهجن.
دنيا جي ملڪن ۾ اڳواٽ ئي نامهربان موسمن ۽ عوام لاءِ آزار پيدا ڪندڙ حالتن وارن امڪانن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ ورتا وڃن ٿا. پر اسان وٽ انتظامي ادارن جي ڪم ڪرڻ جو انداز ئي نرالو آهي. هتي ته عوام لاءِ آزار بڻيل انهن قدرتي آفتن يا مختلف اهنجن کي منتظمين پنهنجي لاءِ منافعي جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا. اڃان آسمان تي ڪو ڇمر مس نظر ٿو اچي ته بجلي بند ٿيو وڃي، بجلي ڪمپنين کي ته بس بجلي بند ڪرڻ جو بهانو کپي. بجلي جي زبون ۽ مدي خارج انفرااسٽرڪچر سبب فيڊر ٽرپ ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري ميونسپل سهولتن ۾ رنڊڪ پوي ٿي. ڪجهه ڪلاڪن جي برسات جو پاڻي ڪئين مهينن تائين نٿو نڪري. مينهوڳي جيڪي اهنج آڻيندي آهي، بجليءَ جي بندش انهن اهنجن کي ويتر وڌائي ڇڏيندي آهي. مينھوڳي جيڪي اھنج آڻيندي آھي، بجليءَ جي بندش انھن کي ويتر وڌائي ڇڏيندي آھي. مطلب ته ھر ادارو عوام جي اذيت وڌائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندو آھي. ادارن ۾ ڪابه ڪوآرڊينيشن يا رابطي ڪاري نه ھجڻ ڪري به گھڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ انھن جي شدت ۾ واڌ اچي ٿي. ھر ادارو رڳو پنھنجو ڪم فرض شناسيءَ سان ڪري ته به گھڻي بھتري اچي سگھي ٿي. هتي جي منتظمين جي نا اهليءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته تازين ٻن ٽن ڏينهن وارين برساتن جو پاڻي به اڃان نڪري نه سگهيو آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي ميونسپل سهولتون معطل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چوماسي جي مينهن سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني اهنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي. برساتن دوران بجليءَ جي بنا رنڊڪ وهڪ کي يقيني بنائڻ لاءِ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا سان ڳالهايو وڃي. نالن جي صفائيءَ جا انتظام ڪيا وڃن.