وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
185
وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
وڏي وزير ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

صوبي ۾ سمورن ٽول پلازائن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳائڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ چيو ته سنڌ ۾ 40 ٽول پلازه آهن، عيد کانپوءِ سنڌ ٽول پلازه سرويلنس پروجيٽ عمل شروع ڪيو وڃي، جيڪو جاچ آفيسر ڪيس کٽيندو، اُن کي روڪ انعام ڏنو ويندو

وڏي وزير آءِ جي ۽ گهرو کاتي کي جاچ آفيسرن کي ڪيش ايوارڊ ڏيڻ لاءِ پروپوزل جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي

سنڌ ٽول پلازه سرويلنس منصوبي لاءِ 1.56 ارب رکڻ ۽ جاچ الائونس بجيٽ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي

هن کي به پڙهندا

پنجاب ۾ ڌاڙيلن پاران مغُوي تي تشدد ۽ تذليل: وڊيو وائرل

ڪراچي ۾ پاڻ کي آرمي جو ميجر سڏائيندڙ جوابدار گرفتار