ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران معذور ماڻهن لاءِ بااختيار ۽ جامع سماج جي قيام واري حڪومتي عزم کي ورجائيندي 40 ڪروڙ رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ معذور ماڻهن جي بهبود واري کاتي جي ميزباني هيٺ 40 ڪروڙ رپين جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته پائيدار شراڪتون، مددگار ٽيڪنالاجين تائين رسائي، جامع تعليم، ۽ برابري جي بنياد تي روزگار جا موقعا صوبائي حڪومت جون اهم ترجيحون آهن. وڏي وزير پاران 40 ڪروڙ رپين جي امدادي پيڪيج ۾ شامل 56 پارٽنر تنظيمن کي چيڪ ڏنا ۽ ٻڌايو ته اها رقم اڳ ۾ ئي انهن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو اسان اهڙو سماج ٺاهي رهيا آهيون، جتي ڪوبه پٺتي نه رهي. ان موقعي تي خاص ٻارن پاران ٽيبلو پيش ڪيا ويا جن مان هڪ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ڀيٽا ڏيڻ وارو ٽيبلو پڻ شامل هو. انهن ٻارن جي ٺاهيل آرٽ ورڪ جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ وڏي وزير جون تصويرون شامل هيون، وڏي وزير چيو ته معذورن لاءِ ايندڙ مالي سال جو بجٽ 80 ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. غيرسرڪاري ادارن سان گڏجي 20 نوان مرڪز قائم ڪيا آهن 15 اڳ موجود مرڪزن جي گنجائش وڌائي وئي آهي ۽ 66 مرڪزن ۾ پڪ اينڊ ڊراپ سهولت لاءِ ٽرانسپورٽ سپورٽ ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.