ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي  حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري آڻي، صنعت ۽ زراعت جي شعبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ، جاپان جي هاٽوري مسارو، ترڪي جي ڪمال سانگو ۽ روس جي اينڊري فيڊروف سان ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، واپار  کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير  چين جي قونصل جنرل سان سي پيڪ منصوبن، ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ زراعت جي شعبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي بس سسٽم جي ڪجهه لائينن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻه لائينون تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته ڪي سي آر بي آر ٽي لائينن جو فيڊر هوندو، انهي جي تعمير سان ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. قونصل جنرل چيو ته ڪي سي آر سي پيڪ جو ترجيحي منصوبو آھي،  انهي جي جلد منظوري ڏني ويندي. جاپاني قونصل جنرل سان ملاقات ۾ اليڪٽرانڪس ۽ آٽو موبائل سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد سيڙپڪاري لاءِ علائقن جي چونڊ لاءِ سنڌ سيڙپڪاري کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ قونصليٽ جي وچ ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويندو. ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سانگو وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليمي نظام کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ترڪ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن.  جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف زرداري ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جي واڌ ويجهه ۾ دلچسپي رکي ٿو.  ترڪي ۾ صوفي ڪلچر مضبوط آهي، ترڪي جا عالم صوفي يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. جنهن تي ترڪ قونصل جنرل يقين ڏياريو ته هو صوفي عالمن جي وفد جي سنڌ جي دورو جو بندوبست ڪندو،صوفي يونيورسٽي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.