سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، محمود اختر نقوي طرفان مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، پيروي نه ڪرڻ سبب آئيني عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي هلائي، آئيني عدالت حمزه شهباز کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جي درخواست تي به پرويز الاهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس جمال مندو خيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو وڏو معاملو آهي، 63 اي جو فيصلو نظرثاني ۾ ختم ٿي ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته 63 اي جي فيصلي تي انحصار ڪري 3 رڪني بينچ حمزه شهباز کي ڏنل ووٽ ڪڍڻ جو فيصلو ڏنو، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ ووٽن جي هدايت لاءِ پارلياماني هيڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، حمزه شهباز جي وڪيل چيو ته اسان جو قانوني نقطو اهو ئي آهي ته پارلياماني ليڊر ۽ پارٽي سربراهه هڪ ئي هوندو آهي، چوڌري شجاعت حسين پارٽي ميمبرن کي حمزه شهباز کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، آئيني عدالت پرويز الاهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا