ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي گاڏي کي هٿ ڏيڻ ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح جي گلي ۾ پئجي ويو. ان ڏس ۾ وڏي ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو وڏي وزير جي حڪم تي ايس ايچ او سائيٽ خير محمد ملاح کي سسپينڊ ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري درگاهه قلندر لعل تي سيوهڻ شريف پهتو هو ته وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري گاڏي سميت پوئتي رهجي ويو هو جنھن تي اڻڄاڻائي ۾ ايس ايڇ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح سليم باجاري جي گاڏي کي روڪي اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. گاڏي کي روڪڻ تي سيلم باجاري ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي خير محمد ملاح مٿان سخت ڪاوڙجي پيو ۽ کيس سسپينڊ ڪرايو آهي. پوليس ذريعن موجب جن گاڏين کي اندر ڇڏڻ جي اجازت مليل هئي انهي لسٽ ۾ سليم باجاري جنھن گاڏي تي ويٺل هو انهي جو نمبر شامل نه هو جنھن تي سندس گاڏي کي روڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ساڳي ئي گاڏي ۾ وڏي وزير جو پي ايس او فرخ بشير به ويٺل هو. پوليس ذريعن موجب ڪوٽڙي سائيٽ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ ۽ منشيات جو وڪرو روڪڻ ۾ ناڪاميءَ سميت مختلف الزام هڻي ايس ايس پي ڄامشورو ايس ايچ او ڪوٽڙي سائيٽ خير محمد ملاح کي معطل ڪري لائن حاضر ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايچ او ڪوٽڙي سائيٽ خلاف مختلف الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ٿيڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.