ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي حڪمن جي باوجود ٺٽو پوليس تحويل ۾ ورتل اچي رنگ واري ويگو گاڏي رات دير سان ٺٽي ٿاڻي تان غائب ٿي وئي . ان ڏس ۾ ذميوار ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته گذريل ڏهاڙي ٺٽي جي جھرڪ واري علائقي ۾ ڪلري بگھاڙ واھ اپر جي هلندڙ سي سي لائننگ واري ڪم جي معائني دوران وڏي وزير پاران ڪم واري سائيٽ تي بيٺل نئين ڊبل ڊور اپلائيڊ فار رجسٽريشن تختي لڳل اڇي رنگ واري ويگو گاڏي بابت معلوم ڪيو ته اها گاڏي ڪنهن جي آهي جنهن تي تي موجود چيف انجنئير ظهير ميمڻ پاران ٻڌايو ويو ته اها گاڏي سندس آهي جنهن تي وڏي وزير چيف انجنيئر کي چيو اها بنا رجسٽريشن نمبر واري گاڏي هتي بيهارڻ ته پري پر روڊ تي به نٿي هلائي سگھجي ۽ وڏي وزير فوري ٺٽي جي ايس ايس پي کي گھرائي نئين بنا رجسٽرِيشن واري ويگو گاڏي کي پوليس تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڪري چيف انجنئير کي چيو ته ٻن ڏينهن ۾ رجسٽريشن ٿي سگھي ٿي، گاڏي جي رجسٽريشن ڪرائي واپس کڻي وڃجو ۽ پوليس پڻ وڏي وزير جي اهڙي حڪمن بعد چيف انجنيئر جي ويگو گاڏي کي ڊرائيور سوڌو پوليس تحويل ۾ وٺي ٺٽي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو . ٻئي پاسي اهو معلوم ٿيو آهي ته وڏي وزير جي جھرڪ سائيٽ ڀرسان ڪي بي فيڊر اپر جي هلندڙ ڪم جي معائني بعد پوليس تحويل ۾ ٺٽي ٿاڻي تي بيٺل گاڏي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي واضع حڪمن هوندي به ٿاڻي تان ٻئي هنڌ روانو ڪئي وئي آهي جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اطهر چنا پڻ ٿاڻي تي گاڏي جي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته ٺٽي ٿاڻي تي گاڏي نه هئي ۽ هو چئي ايس ايڇ او وڌيڪ ڪجھ به ٻڌائڻ کان لنوائي ويو هوڏانهن ٺٽي واسين پاران پڻ سوال اٿاريندي چيو ويو آهي ته الائي ڪيئن ٺٽو پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتل اڻ رجسٽرڊ ويگو گاڏي وڏي وزير جي واضع مليل حڪمن باوجود رات دير سان واپس ڌڻين حوالي ڪري ڇڏي آهي .