جيڪب آباد (رپورٽر) دلمراد پوليس جو ڪارنامو، وڏيري جي چرچ تي ٻن ڀائرن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ڀائرن جي آزادي لاءِ ايندڙ ٽئين ننڍي ڀاءُ ٿاڻي اندر زهر پي ڇڏيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل، خبر موجب دلمراد پوليس وڏيري جي چوري جي الزام ۾ ٻن ڀائرن علي حسن ڪيھر ۽ گل حسن ڪيھر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڀائرن جي آزادي لاءِ ننڍو ڀاءُ مير حسن ڪيهر ٿاڻي تي پهتو ته پوليس آزاد ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن تي ننڍي ڀاءُ مير حسن ڪيهر دل برداشته ٿي ٿاڻي اندر زهر پي ڇڏيو، جنهن کي سول اسپتال آندو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود گل حسن ڪيهر ميڊيا کي ٻڌايو ته وڏيري ڀورل خان جي چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ پوليس مون کي ۽ علي حسن ڪيهر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ننڍو ڀاءُ مير حسن ڪيهر اسان کي ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتو ته پوليس جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن سبب هن دل برداشته ٿي زهر پي ڇڏيو، ان جي بيهوش ٿيڻ کان پوءِ پوليس اسان کي آزاد ڪيو آهي، هن چيو ته پوليس اسان کي گرفتار ڪرڻ وقت 6 مينهون 4 پاڏا ڪاهي وئي، هاڻي اسان کي اهي واپس ڏيڻ کان جواب ڏنو آهي.