ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آھي جتان ملندڙ آمدني مان ملڪ جو ڪاروھنوار ھلي ٿو ۽ انھن ئي پئسن مان ڪرايل آدمشماري ۾ ڪراچي سان زيادتي ڪئي وئي آھي. جيڪڏھن صحيح ڳڻپ نه ڪئي وئي ته احتجاج ڪيو ويندو. ڪالھه  پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته آدم شماري ۾ پھرين مئي کان 15 مئي تائين ڪيل واڌ ۾ رڳو 15 لک ماڻهو وڌيڪ ڳڻيا ويا. انھي جو مطلب ته لکين ماڻهو اڃا به ڳڻپ ۾شامل ناھن ٿي سگھيا، سنڌ حڪومت وڏيرن حوالي آھي جيڪي ڪراچي بدران اندرون سنڌ کي پنهنجو سمجھن ٿا ۽ انھن ڪراچي سميت باقي سنڌ سان به جيڪو حشر ڪيو آھي اھو سڀني جي سامھون آھي اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اسين ڳالهايون ٿا ته ھي ماڻهن کي لساني بنيادن تي نفرتن طرف اتساھين ٿا، پر سنڌ جي عام ماڻهو ۽ وڏيرن لاءِ سنڌ ۾ الڳ الڳ قانون آھن . بلدياتي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن ثابت ڪيو ته اھي پ پ جي ڌر بڻيل آھن، سنڌ حڪومٿ جي مشينري ذريعي مينڊيٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اسين به گل ڪونه پارائينداسين.