اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه وفد سوڌو اسلام آباد پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف به ترڪي جو دورو پورو ڪري اسلام آباد واپس پهچي ويو، ذريعن جي دعويٰ آهي ته وڏو وزير اسلام آباد ۾ ڪئنال معاملي تي اهم گڏجاڻيون ڪندو، آبپاشي وزير ڄام خان شورو سوڌو وفد ۾ موجود ڪئنال رٿا جي فني معاملن تي بريفنگ ڏيندا، ٻئي پاسي وزيراعليٰ هائوس چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات طئه ٿيل نه آهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ڪابه ملاقات رٿيل نه آهي.