خيرپور (رپورٽر) ٽي ڏينهن اڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران چار ڄڻن ثناءُﷲ جاگيراڻي، آفتاب جاگيراڻي، زبير جاگيراڻي ۽ ياسين جاگيراڻي جي قتل واري واقعي کانپوءِ خيرپور پوليس ۽ رينجرز طرفان جوابدارن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو ويو. پوليس ۽ رينجرز ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر جي سربراهي ۾ جوابدارن جا گهر ڊاهي مسمار ڪري ڇڏيا ۽ شڪ جي بنياد تي 26 ڄڻن کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ شڪ جي بنياد تي 26 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ھن چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليس طرفان ڪارروائيون جاري رهنديون.