غزه(م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان غزه جي پٽي تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 60 فلسطيني شهيد ٿي ويا، يهودي فوج 70 گهرن ۽ 80 کان وڌيڪ دڪانن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، 7 آڪٽوبر کان جنگي ڏوهن تي ٻڌل بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 11 هزار 500 ٿي ويو. هوڏانهن اسرائيلي فوج جون ٽينڪون الشفاءَ اسپتال ۾ داخل ٿي ويون، پناهه لاءِ ويٺل ماڻهن ۽ زخمين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري هزارين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ورتو. جڏهن ته 100 کان مٿي فلسطينين کي گرفتار ڪري وئي. حماس طرفان 51 اسرائيلي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. فلسطيني هلال احمر موجب، اسرائيلي فورسز تي طلوڪرم ڪيمپ تي ايمبولنس کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، اسرائيلي فورسز ايمبولنسن ۾ موجود زخمين کي گرفتار ڪيو ويو. والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز اسرائيل سان پنج ڏينهن جي جنگبندي عيوض ستر يرغمال عورتن ۽ ٻارن جي آزادي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب، القسام بريگيڊز جي ترجمان ابو عبيدا آڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته ٽياڪڙي جي خواهشمند قطري اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل سان پنج ڏينهن جي جنگبندي بدلي غزا ۾ قيد ستر عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ابو عبيدا جو چوڻ هو ته قطري اختيارين ٻڌايو ته پنج ڏينهن دوران مڪمل جنگبندي ۽ هر انساني امداد جي اجازت هئڻ گهرجي.