وڌيڪ ووٽرن جي مرضي …. زوهيب عمر لغاري

0
67

  پاڪستان سميت ننڍي کنڊ جي سياست تقريبن دنيا جي ھر خطي جي سياست کان منفرد رھي آھي. ھتان جا سياسي رسم رواج، طور طريقا، کٽڻ ھارائڻ، جيڪي ٻين ملڪن وارا ڏسندا ھوندا ته حيران ضرور ٿيندا ھوندا. اسان وٽ سياسي ڪلچر ڪجھ اھڙي ريت آھي جو ٻھراڙين ۾ برادري ۽ چڱي مڙس جي بنياد تي ووٽ وڌ ۾ وڌ پون ٿا، جڏھن ته شھري ووٽ گھڻو قدر آزاد ھوندو آھي. تنظيمون تڏھن به ڪوشش ڪري ھر تڪ تي ڪنھن چڱي مڙس ۽ بي انتھا پيسن واري فرد کي ئي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ کي ترجيح ڏينديون آھن، ڇو جو اليڪشن جا خرچ برداشت ڪرڻ ڪنھن عام غريب ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي.

                 هتي جي اليڪشن ڪميشن جي سدائين اھا ئي ڪوشش ڪندي رھي آھي ته ملڪ ۾ بھتر ماحول ۾ بھتر ۽ صاف شفاف اليڪشن ٿين پر اھا سندن حسرت ھر واري صرف حسرت ئي رھجي ويندي آھي، جنھن جا ڪئين ڪارڻ آھن. موجودہ اليڪشن ڪميشن به ڪوشش ۾ آھي ته اليڪشن صاف شفاف ٿين پر کوڙ سارين ڳالھين اليڪشن ڪميشن جي آزاد ۽ خودمختيار ھجڻ واري دعوا تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ھن ۾ سرفھرست ھڪ رجسٽرڊ سياسي جماعت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ ۽ ٻيو جيڪي جماعتون جن صوبن ۾ حڪومت ڪنديون رھيون آھن، انهن جي اميدوارن جي اليڪشن ڪميشن جي قانون جي ڀڃڪڙي تي سندن اک ٻوٽ. ھڪڙي جماعت حڪومت ۾ رھي آھي، لکن جي تعداد ۾ ھن جا چاھيندڙ ۽ ووٽر آھن. ھن جا رياست سان جيڪي به معاملات آھن پر اليڪشن ڪميشن ھڪ آزاد اداري طور پنھنجو ڪم ڪري پنھنجي آئيني ذميواري پوري ڪري، جيڪا بلڪل به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ٻي ڳالھ اميدوارن لاءِ بلدياتي نمائندن جو سرعام اچي مھم ھلائڻ، تعين ٿيل خرچ کان وڌيڪ چونڊ مھم تي خرچ ڪرڻ ۽ مھم شروع ڪرڻ جي تاريخ کان اڳ مھم ھلائڻ کان علاوہ سڄي بيوروڪريسي جو ھيٺان کان ويندي مٿي تائين جي جي استعمال تي خاموش رھڻ ۽ اک ٻوٽ ڪرڻ ھن ڳالھ جي تصديق آھي ته اليڪشن اڻڌري نه رهي آهي. گذريل اليڪشن ۾ ھڪڙي جماعت کي سھولتون ڏئي کٽرائي پليٽ تي رکي حڪومت ڏني وئي ھئي، تيئن ئي ھن واري به ڪجھ اھڙو ئي ڪرڻ جو پروگرام آھي. سو جيڪڏنھن ائين ئي آھي ته اھي سڀ محنتون، خرچ ملڪ ۽ قوم جي خزاني جي نقصان کان علاوہ ڪجھ ناھي.

اسان جون سياسي جماعتون ۽ چونڊيل نمائندا ھن سسٽم مان فائدو وٺندا رھن ٿا. سو اھي پاڻ سان ٿيندڙ ھن سموري جٺ ۾ به راضي آھن ته ٺيڪ آھي، ھن واري اسان کي حڪومت نه ملي ته ڪا ڳالهه ناهي، ايندڙ واري وري پاڻ کي ملندي، سو پنج سال ماٺ ڪري ٿا گذاريون. ڪو ھڪڙو فرد ڪا جماعت ھن تباھ حالي، بدحالي، ھن ڪڌي مدي خارج سسٽم خلاف ڳالھائڻ، قانون سازي ڪرڻ يا ان کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. اميد بھتري جي ڪرڻ گھرجي پر ڪا اميد بھتري جي ناھي. باقي وڌيڪ ووٽرن جي مرضي.