ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ پيٽرول پمپن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جا ڇاپا غيرقانوني پيٽرول پمپن ۽ اضافي ريٽ وٺڻ تي لکين رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ا سسٽنٽ ڪمشنر شهر سميت ويراواهه ۽ ڏانو ڌاندل ۾ 5 کان وڌيڪ پيٽرول پمپن تي 2 لک کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو . ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار جو چوڻ آهي ته مختلف پيٽرول پمپن تي پيٽرول پمپن جا ڪاغذات اڻپورا ۽ اضافي رقم وٺڻ تي ڏنڊ وصول ڪيو آهي ، هن چيو ته پيٽرول پمپن جا ڪاغذات تصديق لاء ذميوار اداري کي موڪليا آهن، تصديق کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي. هوڏانهن پيٽرول پمپ مالڪ يوسف راهمون ٻڌايو ته اسان وٽ پيٽرول ڪمپني جا هفتي جو ريٽ شيڊيول نه هجڻ تي ڏنڊ ورتو آهي.