لنڊن (اسپورٽس نيوز) 30 سالن جي عمر ۾ جسم ۾ مختلف تبديليون نموندار ٿين ٿيون،  جڏهن انسان جي عمر 30 سالن کان مٿي وڃي ٿي ته مختلف مرحلن ۾ تبديليون نظر اينديون آهن، ان حوالي سان سائنسدانن پاران مخلتف تحقيقون ڪيون آهن، 30 سالن جي عمر ۾ پگهر گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، جسم سميت دماغ تي ايندڙ تبديليون به عمر وڌڻ جو اهم حصو آهي، عمر جي وڌڻ سان دماغ جو سڪڙجڻ به تمام اهميت رکي ٿو، جنهن دوران روزاني جي بنياد تي 50 هزار نيورو ونز  ختم ٿيندا آهن، عمر جي وڌڻ سان پگهر جو خارج ٿيڻ به مختلف طريقن سان ٿيندو آهي، جنهن سبب پگهر جا غدود پڻ سڪڙجڻ شروع ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ حساسيت گهٽجي ٿي، نوجواني عمر دوران موسمي بيمارين جي شڪايت پڻ تمام گهٽ ٿي وينديون آهن، ننڍپڻ ۾ موسمي تبديلين سبب زڪام، کنگهه سميت ٻين بيمارين جو  منهن ڏسڻو پوندو آهي، پر عمر جي وڌڻ سان اهي تمام گهٽ ٿي وينديون آهن.