ميڪسيڪو  (انٽرسٽنگ نيوز) ميڪسيڪو جي شهر ويرا ڪروز ۾ ڏهن ورهين جي نينگر پاڻ کان هڪ سال ننڍي ٻار کي وڊيو گيم ۾ شڪست ڏيڻ تان گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب رپورٽ موجب ويرا ڪروز ميڪسيڪو جي سڀ کان وڌيڪ پرتشدد شهرن منجهان هڪ آهي، منشيات ۽ اسمگلرن وچ ۾ هلندڙ لاڳيتي ويڙهه پڻ هن شهر کي وڏو نقصان رسايو آهي. رپورٽن موجب ٻئي ٻار هڪ دڪان تي وڊيو گيم کيڏي رهيا هئا، جنهن دوران 10 سالا نينگر ٻئي کان هارائي ويو  ۽ هار برداشت نه ٿيڻ تي کيس پستول ڪڍي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد مقتول جي وارثن واردات واري هنڌ پهتا ۽ الزام مڙهيو ته جوابدار ميز تي پستول رکي فرار ٿي ويو آهي.