وچ اوڀر ڇڪتاڻ ۽ فلسطين مسئلو

0
26
وچ اوڀر ڇڪتاڻ ۽ فلسطين مسئلو

 ايران تي صيھوني حملي بعد وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ المناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ خواب جيان  ٿيندي پئي وڃي. اسرائيل ايران جي ايٽمي پلانٽ سميت 20 ھنڌن جھڙوڪ، پاسداران انقلاب جي ھيڊ ڪوارٽر، ڪرج ۾ ايٽمي پلانٽ تي ميزائيل فائر ڪيا. ايراني سرڪار جي دعويٰ آھي ته، ھنن پنھنجي دفاعي سسٽم سان اسرائيل جي ميزائل ۽ ڊرونز کي ٽارگيٽ تائين پھچڻ کان اڳ ۾ ناڪام بنايو. پر چئن سپاھين جي قربانيءَ جي  خبر به پکڙيل آھي. سعودي عرب، ترڪيا، عراق، ملائيشيا، اومان، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ان اسرائيلي اڳرائيءَ جي نندا ڪئي آھي. دنيا جي 154 تنظيمن ۽ اھم ادارن گڏيل بيان ذريعي غزه، لبنان ۽ اسرائيل ۾ جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. عوام جنگ ۽ قتل عام خلاف آھي، اھو ته يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن شھرن ۾ احتجاجي مظاھرن مان بلڪل چٽو پٽو آھي. خاص طور فلسطينين جي ڪوس ۽ اُتي بُک ڏُک وارن لفظن ۾ بيان نه ڪري سگھڻ جھڙين حالتن تي اولھ جا سمورا مھذب ماڻھو سراپا احتجاج آھن. پر ھن وقت تائين صيھونين جو وحشي پڻو ئي راڄ ڪري رھيو آھي. رڳو فلسطين يا وچ اوڀر ۾ نه پر سڄي دنيا جي معاشي، سياسي آسمان تي صيھوني پنھنجي ھڪ ھٽي ۽ سازشن ذريعي ڇانيل آھن.

صيھونيت ۽ يھوديت ٻه الڳ شيون چئجن پر صيھونيت يھودي سرمائيدارن جي مفادن لاءِ يھودين ۾ پکيڙيل نظريو آھي. جنھن موجب رڳو يھودي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جا اھل آھن. خاص طور وچ اوڀر تي گريٽر اسرائيل ٺاھڻ صيھونين جو خواب آھي. ھن وقت ھُو غزه سميت ڪيترن ئي محاذن تي خلق سان وڙھي رھيا آھن. جنهن تي ايران سخت ترين جواب جو اعلان ڪيو آھي. اسرائيل ايران تي ھن حملي سان گڏ عراق ۽ شام کي  به نشانو بنايو آھي. جڏھن ته ان جي جنگ لبنان جي تنظيم حزب الله سان به جاري آھي. حزب الله تي به اجائي جارحيت ڪندي اسرائيل تي حملا ڪيا ھئا. انھن حملن  سان لبنان جو، ان جي ماڻھن جو نقصان ٿئي ٿو، ان ڪري يقيني طور اھي حملا لبنان سان جنگ ليکبا.

آمريڪا کي انھيءَ حملي جي خبر ھئي ته ڪھڙي نوعيت جو حملو اسرائيل ايران تي ڪرڻ وارو آھي پر ان کي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪيائين، بلڪه ان حملي جي حمايت ڪندي چٽو پٽو چيائين ته، اسرائيل کي پنھنجي بچاءِ جو حق آھي. برطانيا جو به بلڪل ساڳيو ردعمل آھي. انھن مان اميد به اھا ئي ھئي. سندن رويو  اڄ کان ائين ناھي. سندن سامراجي مفادن ۽ آمريڪا ۾ يھودين جي صيھوني ٽولي جي دولت ۽ اثر جي ڪري آمريڪا ۽ يورپ  ۾ اھا سوچ غالب آھي ته اسرائيل ھنن لاءِ ضروري آھي. تنھن کان سواءِ يورپي نه ٿا چاھين ته اسرائيل ۾ رھندڙ يھودي ٻيھر يورپ جو رخ ڪن.

تاريخ جي حساب سان  ڏسجي ٿو ته نه رڳو يورپ پر آمريڪا ۾ به يھودي ۽ اصل يورپي سرمائيدارن جو ٽڪراءَ ھو، جنھن يورپ مان خاص طور ۽ آمريڪا مان به ھڪ حد تائين يھودين جا تڏا پٽيا. ٻين لفظن ۾ اصل يورپي سرمائيدار سندن ڌرتيءَ تي جنونين کي سھي نه پئي سگھيا. اصل راز اھو ھو جو ھنن يھودين جي خلاف ھر ھنڌ مھم ھلائي. آمريڪا ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ پاڻ انھن خلاف مھم ھلائي. يورپ جي ملڪ جرمنيءَ جي مشھور حڪمران ھٽلر اصل يورپي سرمائيدارن جي نمائندگي ڪندي يھودين کي مختلف طريقا استعمال ڪندي اتان ڪڍيو. يھودينن خلاف وڏي پئماني جي تشدد يا ھولوڪاسٽ جي اصل ۽ وڏي قصي ۾ وڌ ۾ وڌ به اڌ سچائي آھي. يقينن ھن يھودين خلاف جنون ۾ ظلم ڪيا، نه ته ھو به يورپ مان رڳو انھن جي نيڪالي چاھيندو ھو. بس اھا انھن يھودين جي بدقسمتي ھئي جو ھو لڳ ڀڳ ويھ صديون اڳ پنھنجي علائقي يروشلم مان تڙجي نڪتا، پوءِ ان طرف رُخ نه ڪيائون، ان طرح پنھنجو وطن وڃائي چڪا.

ويھين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ برطانيا شاھي جي اڳواڻيءَ ۾ يورپين، يھودين جي مٿي تي ھٿ رکيو ۽ کين ٺڪاڻو ڏيڻ جو آسرو ڏنو، فلسطينين کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنايو ويو ۽ گڏيل قومن ذريعي اھو بندوبست ڪيو ويو جو فلسطين کي ٻه حصا ڪيو ويو. فلسطينين کي زبردستي پنھنجي گھرن مان ڪڍي يا ماري ڳوٺن جا ڳوٺ والاريا ويا. پوءِ ته فلسطينين لاءِ ڪو حصو نه رھيو. آخر ۾ فلسطينين کي غزه ۽ اردن درياھ جي اولھ ڪناري تي پناھگيرن واري زندگي مس نصيب ٿي پر انھن  کي ميسارڻ لاءِ ھاڻي به حملا ٿي رھيا آھن. لکين فلسطينين جو  اڳي  ڪوس ڪيو ويو ھو ۽ ھاڻي گذريل سال اسرائيلين تي غزه مان ھڪ حملي بعد 43 ھزارن کان وڌ فلسطينين کي قتل  ۽ لک جي اندر فلسطينين کي زخمي ڪيو ويو آھي.

غزه واسين جي ويڙھاڪ تنظيم حماس جي پليٽ فارم تان چونڊيل وزير اعظم  اسماعيل ھنيا جي شهادت بعد صيھونين حماس جي ٻئي اڳواڻ يحي السنوار کي به شهيد ڪري ڇڏيو.  /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

ھوڏانھن انھن حزب الله جي سربراھ حسن نصر اللہ عرف سيد عزيز ۽ ان جي ممڪن جانشين کي به قتل ڪري ڇڏيو. اندروني جھيڙن توڙي سامراجي سازشن سبب ھيڻي ٿيل ملڪ شام سان اسرائيل اڪثر کئونس ڪندو رھيو آھي. ھاڻي به جڏھن ھن غزه ۽ لبنان تي خاص طور حزب الله تي حملا ڪيا، تڏھن به شام کي به نه وساريائين. حزب الله يا لبنان، شام، عراق، يمن تي به صيھونين حملا ڪيا. سو چئبو ته اسرائيلين وچ اوڀر ۾ جنگ پکيڙي آھي. جڏھن ته آمريڪا کين غزه تي حملن جي شروعاتي مھيني ۾ جنگ کي پکيڙڻ، خاص طور حزب الله سان اُلجھڻ کان پاسو ڪرڻ جو چيو ھو. سوال اھو آھي ته، ڇا ھڪ اھڙي ملڪ سان ڪو ٻيو ملڪ ائين ڪري جيئن اڄڪلھ اسرائيل ايران سان ٿو ڪري ته پوءِ به عالمي ادارو يا حڪومتون ساڳي بيحسيءَ سان ردعمل ڏينديون ته پوءِ انھيءَ عالمي اداري، عرب ليگ، او آءِ سي سميت  انھن ادارن وغيره جو ھجڻ ڪھڙي ڪم جو!