وچ اوڀر جي خطرناڪ صورتحال ۽ خوف ۾ ورتل آمريڪا ۽ يورپي ملڪ

0
22
وچ اوڀر جي خطرناڪ صورتحال ۽ خوف ۾ ورتل آمريڪا ۽ يورپي ملڪ

فلسطيني اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ ايراني ڪمانڊر فواد شڪور جي شهادت بعد اردن، لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن جي بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي ناڪامي، دوها ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ۽ حزب الله جي اسرائيلي شهرن تي ميزائل حملن بعد پوري وچ اوڀر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ موڙ ۾ داخل ٿي وئي آهي. ايران پنهنجي حملن واري ڌمڪي تي ڪيئن ۽ ڪڏهن عمل ڪندو، اهو تجسس برقرار آهي. جنهن سبب وچ اوڀر هڪ نفسياتي جنگ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ٻنهي ملڪن پنهنجي عوام کي وڏي جنگ لاءِ ذهني طور تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل پنهنجي شهرين کي قائم ڪيل قلعن ۾ هڪ مهيني جي راشن پاڻي سان گڏ منتقل ٿيڻ سان گڏ زير زمين واٽر ٽينڪ ڀري، انڊر گرائونڊ اسپتالن کي فعال بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته پوري ملڪ جون بلڊ بينڪون ڏينهن رات ماڻهن کان رت جمع ڪري رهيون آهن. ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن. عالمي انٽيليجنس ادارا غير معمولي طور سرگرم ٿي ويا آهن. ساڳيون تياريون ايران، لبنان، عراق، شام ۽ يمن ۾ شروع ٿي ويون آهن. فوجي ماهرن جو چوڻ آهي ته پهرين حزب الله، پوءِ ايران، ۽ حوثي خشڪي، هوائي ۽ سامونڊي علائقن مان حملي آور ٿيندا. جڏهن ته ڪجهه انٽيليجنس ذريعن جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته ان بجاءِ ايران خودڪش حملا شروع ڪري، جيڪي ڪنهن به يورپي ملڪن سان گڏ اسرائيل ۾ به ممڪن آهن، جيئن گذريل ڏينهن دوها ۾ امن ڳالهين ۾ اسرائيلي وفد کي هڪ رات ترسڻ جو چيو ويو ته وفد ۾ شامل موساد ۽ ڳجهن ادارن جا سربراهه جهاز ۾ ئي رات سمهي پيا. انهن کي خوف هو ته ايران يا قطر مان ماڻهو انهن کي جهاز ۾ به ماري سگهن ٿا. ان ڪري هو پنهنجي سيڪيورٽي کڻي آيا هئا. ايران، حزب الله ۽ حماس جيڪڏهن ڪوآرڊينيشن سان اسرائيل تي راڪيٽ حملو ڪن ۽ 10 هزار راڪيٽ فائر ڪن ته اسرائيل جو ايئر ڊوم سمورا راڪيٽ نه روڪي سگهندو، ان سان سوين راڪيٽ اسرائيلي شهرن ۾ ڪرندا ۽ وڏي تباهي ٿيندي، جڏهن ته حوثي باغي آمريڪا ۽ برطانيا جي جنگي ٻيڙن تي حملا ڪري انهن کي مصروف رکي سگهن ٿا. آمريڪا ترڪي کان مدد طلب ڪئي آهي. لبنان آمريڪا کي چيو آهي ته هو اسرائيل کي بيروت تي حملي کان روڪي، نه ته هو به ان جنگ ۾ شامل ٿي ويندا.آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، اسرائيل، فرانس، جرمني سميت سمورن يورپي ملڪن لبنان ۾ سفارتخانا بند ڪرڻ شروع ڪندي پنهنجي شهرين کي هنگامي بنيادن تي بيروت مان نڪري وڃڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. يورپي اڏامون لبنان اچڻ بند ٿي ويون آهن. اسرائيلي لبنان خالي ڪري ويا آهن. گڏيل قومن ۾ ايران جي سفارتي مشن جاري ڪيل بيان ۾ حزب الله کان گهر ڪئي آهي ته هو اسرائيل کان پلاند ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي نه صرف فوجي پر پوري اسرائيلي شهرن کي ٽارگيٽ ڪري ته بهتر ٿيندو. اهڙي بيان بعد آمريڪي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي چيو آهي ته هو فورن واپس ملڪ هليا اچن پر اسان کي خبر پئي آهي ته ڪيترين ئي عالمي اڏامن جون ٽڪيٽون اڳ ئي بڪ ٿي ويون آهن. ان ڪري ڀلي ڪنهن ٻئي ملڪ مان ٿي پوءِ پنهنجي گهر موٽي اچو. پر فورن لبنان خالي ڪري وڃو. آمريڪي ويب سائيڊ تي اپيل ڪئي وئي آهي ته اوهان اسان جي ٺهيل حفاظتي هنڌن تي رهڻ شروع ڪريو، ٻارن کي اسڪول نه موڪليو، جيڏانهن به وڃو، سفارتخاني کي ٻڌائي پوءِ وڃو، ڇو جو خطي جي صورتحال ڪنهن به وقت يڪدم تبديل ٿي سگهي ٿي. برطانيا، ڪينيڊا، فرانس جرمني به پنهنجي شهرين کي لبنان مان ڪڍڻ شروع ڪيو آهي.قطر ۾ غزه جنگبندي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن, حزب الله في الحال سڌي ريت انهن ڳالهين ۾ ناهي آيو پر ٽياڪڙ قطر ۽ مصر سان رابطي ۾ آهي. مصر ۽ حماس اسرائيل کان فلاڊيلفيا ۽ نيٽزارم ڪوريڊور خالي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي ۽ نيتن ياهو غزه ۾ فوج رکڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي، ان ڪري ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن. اسرائيلي صدر آئزڪ برزوگ سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ايراني ۽ سندس ‘دهشتگردن’ جي ڌمڪين سبب پورو ملڪ هاءِ الرٽ آهي. ايران ۽ حزب الله سان رابطي ۾ رهندڙ ۽ انهن جي “وار روم” ۾ ويٺل ڪيترن ئي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو پاڻ ان تجسس جو شڪار آهن ته ايران ۽ سندس غير رياستي ويڙهاڪ اتحادي اسرائيل کان ڪهڙي قسم جو بدلو وٺندا، پراڪسي گروپ، اعلي فوجي اڳواڻ ۽ سپريم ليڊر علي خامنه اي ڪهڙي قسم جي حڪمت عملي جوڙين ٿا. اسان اڪيلي وڙهي سگهون ٿا، گڏجي يا وري ڪو آپگهاتي طريقي سان ڪم ڪري سگهون ٿا پر ماٺ به هڪ خطرناڪ هٿيار آهي. جيڪا هن وقت صورتحال آهي، اها اڳتي هلي وڏي ڌماڪي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي پر وقت ۽ هنڌ جي ڪا خبر ئي ناهي. جڏهن ته اسرائيلي دفاعي مبصرن عراق، شام، يمن ۽ لبنان جي ويڙهاڪ گروپن کي اسرائيل جي چوڦير “رنگ آف فائر” قرار ڏيندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ اسرائيلي فوج جو انهن سان ڪو مقابلو ئي ناهي پر هڪ اسٽريٽجڪ گهرائي جي حوالي سان انهن پوري ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. هر ماڻهو هاڻ ايران ۽ حزب الله جي امڪاني حملن جو انتظار ڪري رهيو آهي، جيڪا اسان خلاف هڪ نفسياتي جنگ به آهي. عراق پاپولر موبلائيزيشن يونٽس (PMU)  بنيادي طور تي شيعا مليشيا گروپ آهي، جنهن کي ايران جي فوجي ۽ مالي مدد ملندي آهي، يمن ۾ حوثي به حملا ڪندا پيا اچن، اهي ايران جا طاقتور ڳجها گروپ آهن، جيڪي هر سيڪنڊ ۾ رابطي ۾ هوندا آهن. انهن وٽ ٽرينڊ هزارين فوجي جوان هر وقت تيار هوندا آهن. حزب الله سربراه حسن نصر الله ان خاموشي کي “نفسياتي جنگ” قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان ايران اصل ۾ ڪنهن وڏي ۽ سڌي جنگ کان بچڻ لاءِ پير تي پير ڏئي هلي رهيو آهي، هڪ سفارتڪار ان تي چيو آهي ته اصل ۾ ايران ۽ حزب الله پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ هو هاڻ منجهي پيا آهن ته هو ڇا ڪن. ڪجهه وري ان خيال جا آهن ته غزه ۾ امڪاني جنگبندي مڙئي وقت کي ڌڪو ڏيڻ برابر هوندي. ايران جو چوڻ آهي ته نقصان ڪيترو ٿيندو، ان جو ڪير به اندازو نه ٿو لڳائي سگهي. حالتون انتهائي خطرناڪ ٿينديون پيون وڃن. اهڙي ماٺ تي آمريڪا ۽ اسرائيل خطري جي گهنٽي اڳ ئي وڄائي ڇڏي آهي. ايران جي جوابي ڪارروائي لاءِ يورپي ڳجها ادارا سرگرم ٿي ويا آهن. حزب الله جي سينيئر اڳواڻن اعتراف ڪيو آهي ته اسان کي به خبر ناهي ته اڳتي ڇا ٿيندو پر جيڪو به ٿيو، اهو انتهائي بدترين هوندو. هر ملڪ پنهنجي عوام کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪم ڪري ته بهتر ٿيندو.

وچ اوڀر تي نظر رکندڙ فوجي مبصرن جو چوڻ آهي ته عالمي سفارتڪار ايران کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڇو جو جيڪڏهن هاڻ ڪا هڪ چڻنگ به ٻري ته پوري علائقي سان گڏ دنيا کي به ساڙي تباهه ڪري ڇڏيندي، ڇو جو ايران تمام وڏي پئماني تي تياريون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام کي به ذهني طور تيار ڪري رهيو آهي. ايران ۽ اسرائيل سالن کان ڳجهي جنگ وڙهي رهيا آهن. پر تازو شام ۾ ايران جي ٽن اعلى ڪمانڊرن جي شهادت بعد ايران اسرائيل تي 300 راڪيٽ فائر ڪيا ۽ انهن ۾ سڌي جنگ شروع ٿي وئي. هاڻ ايران وري وڏي انگ ۾ پراجيڪٽائل ۽ ٿوري فاصلي تي مار ڪندڙ ڊرونز فائر ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ عراق، شام، يمن ۽ لبنان مان به هڪ ئي وقت ڊرونز يا ميزائل حملا ٿي سگهن ٿا. ايران ڪنهن وڏي حملي کان اڳ اسرائيلين ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جڏهن ته حماس غزه ۾ فلسطيني مجاهدين موومينٽ، پاپولر ريزسٽنس ڪيميٽي، ۽ فلسطين آزادي تحريڪ سان جنگبندي ۽ ايندڙ حڪومت جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪري جنگي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ته ڪيئن ان وقت هو ڪارروائي ڪندا. جڏهن ته ان اجلاس ۾ فلسطيني اسلامي جهاد، الاقصيٰ شهداءِ برگيڊ، پاپولر فرنٽ فار لبريشن آف فلسطين، ڊيموڪريٽڪ فرنٽ فار دي لبريشن فلسطين اجلاس ۾ نه آيا. اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي ايرو اسپيس فورس جو ڪرنل ڪمانڊر ميجر حسين سلامي افشاري اسرائيل حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ايران ۾ شهيد ٿي ويو آهي. ايران جو ايرو اسپيس ڊرون ۽ ميزائل هٿيارن جو پرنسپل آپريٽر گروپ آهي.

آمريڪا جي خزاني واري وزارت ايراني سامان وڪرو ڪندڙ ڪيترين ئي ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان قدس فورس ۽ حوثين طرفان يمن ۽ گڏيل عرب امارات کي تيل ۽ ايل پي جي، آمريڪي هانگ ڪانگ جي ڪائي هينگ لانگ هلوبل انرجي لمٽيڊ کي حزب الله جي ڪنٽرول واري لبنان ۾ لکين آمريڪي ڊالر ماليت جي ايراني ايل پي جي وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ايران ۾ چين جي سفير ڪانگ پي وو هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته چين ايران جو سڀ کان وڏو بزنس پارٽنر آهي. ڪير اسان کي روڪي نه ٿو سگهي. يورپي ملڪن ايران کي روڪڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي. برطانوي وزير اعظم ايراني صدر کي فون ڪئي پر هن کي حملا روڪڻ جي حوالي سان ڪا موٽ ناهي ڏني. آمريڪي جنگي ٻيڙو ابراهيم لنڪن اسرائيل لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. يورپي هٿيار اسرائيل پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن مان واضح آهي ته اها تمام وڏي ۽ ڊگهي جنگ ٿيندي.

اسرائيل جي جنگي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سرحدن سان گڏ فوجي انگ ۾ واڌ ڪري هر شهر جي کليل ميدان ۾ ريسڪيو مرڪز قائم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. حڪومت عوام کي فورن قلعن ۾ شفٽ ٿي اتي مهيني کن جو راشن پاڻي گڏ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي ملڪ جي سمورين بلڊ بينڪس کي هزارين رت جون ٿيلهيون گڏ ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي. انڊر گرائونڊ اسپتالن کي فعال بڻائي مريضن کي شفٽ ڪرڻ جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي. کليل ميدانن تي سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي رکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. زير زمين واٽر ٽينڪن کي ڀرڻ جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي. اسرائيلي ۽ يورپي انٽيليجنس جي سينيئر اهلڪارن جو چوڻ آهي ته پهرين حزب الله اسرائيل تي حملا ڪندو رد عمل ۾ پوءِ ايران مان ميزائل يا ڊرون اٽيڪ شروع ٿي ويندا. ان سان گڏ يمن مان حوثي سامونڊي جهازن خاص ڪري آمريڪي ٻيڙي ابراهيم لنڪن تي حملا آور ٿيندا، جڏهن ته شام ۽ عراق مان به تمام وڏن حملن جي تيارين جا اطلاع مليا آهن. اهي گهڻ طرفا حملا هوندا. پر قطر جي وزير اعظم گذريل ڏينهن ايران کان اها گارنٽي ورتي آهي ته دوها ڳالهين جي پڄاڻي تائين ڪي به حملا نه ڪيا وڃن.انھيءَ سڄي صورتحال ۾ ڇا اردن ۽ سعودي عرب اسرائيل ڏانهن ايندڙ ميزائلن کي تباهه ڪندا؟ سڄي عرب دنيا جو عوام جيڪو ھن وقت اسرائيل جي غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن تي سخت ناراض آھي، ڇا اُھو رستن تي نڪري ايندو ۽ پنهنجين آمريڪي اتحادي حڪومتن کي ڊاھي ڇڏيندو؟ سعودي عرب جي شھزادي سلمان اڳ ۾ ئي ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته جيڪڏھن سعودي عرب، اسرائيل کي تسليم ڪيو ته آئون به مصر جي صدر سعادت وانگر مارجي سگهان ٿو. صورتحال نه صرف سڄي وچ اوڀر خطي جي لاءِ خطرناڪ آهي، پر سڄي دنيا تي ان جنگ جا سڌا ۽ اڻسڌا اثر پوندا. تيل ۽ ٻيون سموريون شيون مھانگيون ٿي وينديون ۽ آمريڪا ڪساد بازاري جو شڪار ٿي ويندو، جنهن سان سڄي دنيا ۾ وڏو معاشي بحران ايندو.