اڄ جي شام سنڌوءَ ڪنارو، لھندڙ سج ۽ آءُ…
زندگيءَ جا لاھا چاڙها دل کولي ونڊڻ لاءِ
مون وٽ ھن کان وڌيڪَ ڪا جاءِ ناھي.
زندگيءَ جا سڀئي احساس حال اوري
آءُ وڏا ساھ کڻي مسڪرائي ورندو آھيان…
ھا سنڌو مون لاءِ وڏو اتساهه آھي…
ھو به مون وانگي پنھنجي اندر ۾ الائي ته ڪيترا سور سمائي اڙانگا پنڌ ڪري سدائين سفر ۾ آھي….
پر ھن دفعي واري
وڃايل مُرڪ جي ڳولا ۾ اکيون واجھائي رھيون آھن، لھر لھر پيرن سان ٽڪرائجي وجود کي لوڏي رھي آھي، ڄڻ ته خطا ٿيل حواسن کي واپس ورائڻ جي جستجو ۾ رڌل ھجي ….
ھئي…!!! پر ھي اندر ھن دفعي ڄڻ ته ڪارونجھر جي ڪُک ۾ موجود چُوڙيو مندر ٿي ويو ھجي جنھن ۾ ڪنھن به پوڄارڻ جي اچڻ جي آس باقي نه ھجي، جنھن ۾ پوڄا پاٽ لاءِ موجود ڏيئا طوفانن کان شڪست کائي وسامي چڪا ھجن ۽ دروازي تي موجود گھنڊ زنگ لڳڻ ڪري وڄڻ ڇڏي ڏنو ھجي…
ھئي… اڄ تي ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ڪارونجھر وٽان روپلي ڪولهي پنھنجي وَنيءَ کي دشمن تي آخري وار ڪندي ٻڌايو ھجي ته ڏس آءُ پنھنجو وچن نڀائيندي وطن تان قربان پيو ٿيان، تون پنھنجي ساھيڙين اڳيان ڳاٽ اونچو رکجانءِ….
اوھ! منھنجي من موھڻي سندري…
اوھ! منھنجي پياري وَني….
اھو نه وسارجانءَ ته وطن سان گڏ مون توکي به چاھيو ھو…
مون توکان ڪڏھن به منھن نه موڙيو…
اھو نه وسارجانءِ ته مون ڌرتي ۽ سرتيءَ سان ھڪ جيترو عشق ڪيو ھو….
آءٌ ھلان ٿو….
پر جڏھن تون وطن کي ھنن سامراجن جي ھٿن مان آزاد ٿيندي ڏسين تڏھن منھنجي قبر تي ضرور اچجانءِ ۽ ايندڙ نسل کي تنھنجي ۽ منھنجي پيار جو داستان ٻڌائجان…
ته ڪيئن ڌرتي ۽ سرتي جي حفاظت ڪندي سرواڻ پٽ سينا تاڻي وڙھيا ۽ جان جا نذرانا پيش ڪيا….
بلڪل اڄ ڪيفيت ائين ئي آھي…
وڃايل مرڪ جي ڳولا ۾ رڻن جي راھي وانگي ۽ بيابانن ڀٽڪندڙ روح وانگي….
بلڪل اڄ جي ڪيفيت ائين آھي…
(فيس بوڪ تان ورتل)