ٽنڊوڄام (ن پ ا) سنڌ پبلڪ سروس پاران 17 گريڊ جي وٽرنري آفيسر، ريسرچ آفيسر جا لکت واري امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، لکت واري امتحان ۾ 227 اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو، لکت واري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جون لسٽون جاري ڪيون ويون، سندس انٽرويو جي تاريخ به پڌري ڪئي ويندي، جنهن بعد گهربل سيٽن تي اميدوارن کي وٽنري ۽ ريسرچ آفيسر طور رکيو ويندو، جڏھن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اوپن ميرٽ لاء 159 فيميل ۽ ميل اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو، مغذور ڪوٽا تي 5 اميدوار کي پاس قرار ڏنو ويو آهي، جڏھن ته مينارٽي ڪوٽا تي 11 اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو، فيميل ڪوٽا لاءِ 52 اميدوار پاس قرار ڏنا ويا آهين، ذريعن موجب ڪميشن اندر لکت واري پرچو پاس ڪندڙن جي نتيجن ۾ ڪميشن انتظاميا ماضي کان وٺي ڦيرڦار ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ به آهي، ۽ پاس ٿيندڙ اميدوارن جي سندس ميرٽ به ضايع ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ٿيو آهي، هوڏانهن ذريعن موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي رٽائرمينٽ جي ويجهو آهي، سندس ڪميشنن اندر نتيجا به جلد جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ساڳيو ئي پروسس جيڪو 2 مهينن اندر ڪيو ويندو آهي،  شاگردن پاران ميرٽ ۽ اهليت تي نوڪريون ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.