وِهَڻ مون نه وڙاءُ

0
15
وِهَڻ مون نه وڙاءُ

“وِهَڻ مون نه وڙاءُ” ڪتاب 2018ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ ڪراچيءَ پاران ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو، جو 2017ع جي لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل چند مقالن جو مجموعو 110 صفحن تي آڌاريل آهي، ڪتاب جو عنوان سُر سُهڻيءَ جي بيت.

چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،

ستي سنڀارَن جو، پِيمُ ڪَنِ پَڙاءُ،

وِهَڻُ مون نه وَڙاءُ کڻيو جهان ۽ جهڄي هنئون.

                 پبلشرس نوٽ ۾ غلام اڪبر لغاري ثقافت کاتي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ لکي ٿو، “جيئن ته شاهه سائينءَ جي شاعري عام ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ آهي. ان ڪري ڪانفرنس ۾ پيش ٿيل مقالن جو وڏو ڀاڱو موجود وقت ۾ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ تي هوندو آهي. شاهه سائين هر دور جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ هر احساس ۽ جذبي جي ترجماني آهي. اسان ڪوشش ڪري ان کي روشناس ڪرائي رهيا آهيون”.ڪتاب ۾ آيل مضمون ۽ مقالا هن ريت آهن، “شاهه لطيف جي ساڃهه”، ڪي ايس ناگپال، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقي سچايون ۽ موجوده دور جي تقاضا”، ڊاڪٽر شير مهراڻوي، “شاهه لطيف جو ڀنڀور” ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، “لطيف جي عشق جي يگانگيت ۽ گهرايون” سحر گل، “سر مارئي ۾ مارون/پنهوارن جي عمر خلاف مزاحمت جا اهڃاڻ”، آغا ظفر، “منهنجو جِيءُ جلايو، اندر آديسين” مدد علي سنڌي آهن.

شاهه لطيف جي ساڃاهه: understanding of Shah Latif  جي حوالي سان ڪي ايس ناگپال پنهنجي مختصر مضمون ۾ پنج نڪتا ڄاڻايا آهن، جن سان لطيف سرڪار جي تصوف جي فڪر جي سمجهڻ ۾ مدد ملي، جن ۾ 1. تصوف. 2. عشق. 3. تزڪيه نفس. 4. صالحن ۽ درويشن جي دوستي. 5. سُور. حاصل مطلب ته لطيف سائين جي فڪر جو اهم نڪتو تصوف ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ ٻيا هِي سڀ رستا اهم آهن، ليکڪ لکي ٿو ته، “منهنجي اڳيان تصوف، ويدانت يا مسٽزم جو تعلق ڪنهن به طرح مذهب، ڌرم يا رليجن سان ڪونهي پر ان جو تعلق انساني روح ۽ جذبن سان آهي.

ڊاڪٽر شير مهراڻي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي آفاقي سچاين ۾ حياتيءَ جي اهم رُخن جيئن موت، زندگي، انتظار، اُميد ۽ عمل کي کولي سمجهايو آهي، لکي ٿو ته، “شاهه سائينءَ جي شاعري آفاقي سچاين جي اهڙيءَ ريت آئينه دار آهي، جو ان ۾ اسان اڄ جي دور جون سموريون حالتون پڻ ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا ۽ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌايل ڏسن ۽ گسن جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجا ڏُک، درد، اهنج، پيڙائون، هيڪلايون، اُداسيون، نراسايون، ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا ختم ڪري سگهون ٿا”.

ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ڀنڀور جي قدامت ڄاڻائيندي ڀنڀور ۽ ڪيچ جي ماڳن پٻ جبل، وندر ۽ ٻين تاريخي ماڳن کي سُر سسئيءَ جي حوالي سان بيان ڪيو آهي، سندس موجب ته ويهه اهڙا تاريخي ماڳ آهن جي انهيءَ حوالي سان لطيف سائين سنئون سڌو پنهنجي بيتن ۾ نالا کڻي ذڪر ڪيا آهن، پنهنجي موضوع، مواد ۽ عنوان جي حوالي سان هِي ليک تاريخي ماڳن ۽ سسئيءَ جي ذِڪر سان معلوماتي آهي، سحر گل لطيف جي يگانگيت، گهرائي ۽ شدت تي ويچار ونڊيندي چيو ته، “سماجي محبت ۽ لطيفي عشق ۾ فرق آهي، عام سماجي محبت جون پنهنجون حد بنديون، دائرا ۽ گهُرجون آهن، جيڪا ان ۾ داخل ٿيل فريقين کان مخصوص رويي جي گُهر ڪري ٿي، جڏهن ته لطيفي عشق هڪ سمونڊ وانگر آهي، جنهن جون انيڪ لهرون آهن، جيڪي عام سماجي گُهرجن کان بنهه پرانهيون آهن، ان ۾ ڏاهپ جا وجدان آهن، قربانيءَ جا حيرت انگيز مقام آهن، جن جو سطحيت سان ڪو به تعلق نه آهي، لطيفي عشق انساني شعور جي گهرائين جي ڪهاڻي آهي”.آغا ظفر پنهنجي مضمون ۾ سر مارئيءَ مان ڪافي بيت ڏيئي اهو ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، “مارئيءَ جي مزاحمت هڪ طرفي نه هئي پر سندس پنهوار پڻ عمر جي خلاف انهيءَ اڻ وڻندي روش سبب مزاحمتي ٿي بيٺا، جيڪا ثابتي رسالي جي بيتن مان ملي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سچ جي سوڀ ٿي”،  مدد علي سنڌي طويل مقالي ۾ شاهه لطيف بابت محققن ۽ عالمن جون چوڻيون دهرائيندي شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جي شروعات ۽ شاعريءَ تي ڪم ڪندڙن کي مڃتا ڏني آهي، ڪيترن پارکن ۽ شارحن جا نالا کڻندي کين خراج تحسين پيش ڪيو آهي، حقيقتون بيان ڪندي به هُو هڪ ڪهاڻيڪار هئڻ جي حيثيت ۾ افسانوي انداز ۾ اندر ٿو اوتي، لکي ٿو ته، “مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو، اُداس چنڊ شاهه جي ڪراڙ ڍنڍ سان سرگوشيون ڪري رهيو هو، ۽ ڪراڙ جي لهر لهر، ستاري ستاري، درختن ۾ اها وائي گونجي رهي هئي. اصل ۾ ڀٽ شاهه ۾ “اُتان جي وڻن ۾، ڪراڙ ڍنڍ جي لهر  لهر ۾ پرينءَ جو پڙلاءُ موجود آهي، ڪراڙ ڍنڍ تي چنڊ جا پاڇا پئجي رهيا هئا، آسمان جو چنڊ ڪراڙ جي پاڻيءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو”.

لطيف جي نگريءَ تي چانڊوڪين راتين ۽ اونهاري جي اُسن ۾ ڀريل حاضرين ۽ طنبوري جي تان تي ٻڌل راڳ منهنجو جِيءُ جلايو، اندر آديسين هئه هئه منجهه هٿن وڃائي واٽ ٿيا”، جي طلسم کان متاثر ٿيڻ جي بيان سان هيءُ ڪتاب ٻين لطيفي ڪانفرنسن جي ڪتابن جيان ڪو گهڻن مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل ڪونهي، فقط ڇهه ليک آهن ۽ صفحا پڻ 110 آهن، انهيءَ هوندي به ڪتاب جا پروف ڌيان سان چڪاسيل نه آهن، ڪُجهه هنڌن تي لفظن جي مذڪر ۽ مونث ۾ فرق جيئن صفحي نمبر 63 تي  جملو “لطيفي عشق عاشق جي محبوب ڏانهن  اڻ ٿڪائيندڙ سفر آهي” جو درست ٿيندو، لطيفي عشق عاشق جو محبوب ڏانهن اڻ ٿڪائيندڙ سفر آهي.  يا پروف جي لحاظ کان مزاڪرو/مذاڪرو (ص 6)، گهن/گهرن (ص 17)، گهون/سگهون (ص 37)، سمجهي/سماجي (ص 62)، آهي/آهن (ص 70)، تهڙ/تهڙي (ص 76)، هيلا/حيلا (ص 77)، ان کانسواءِ/نکانسواءِ (ص 92)، چند/چنڊ (ص 104)، پڇيو/پڇو ( 104) ۽ ٻيا لفظ آهن.

ڪاغذ اوچو ۽ ٽائيٽل وڻندڙ آهي، گهڻا لطيفي بيت اعرابن سان آيل آهن، ڪجهه بيتن ۾ سُر ۽ داستان ڄاڻايل آهن ته ڪُجهه ۾ نه آهن، لطيفي فن جي واڌاري لاءِ ضروري آهي ته لطيفيات جي ڪتابن ۾ آيل بيتن کي اعرابن، داستانن ۽ سُرن جي حوالي سان صحيح نموني آندو وڃي. محقق جنهن شارح جو رسالو ڪتب آڻين اهو به ڄاڻائين. (هن ڏِسَ ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ منهنجو ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي ڏسو. مجموعي طور ڪتاب ۾ آيل ليک موضوع مطابق آهن، “وِهَڻ مون نه وَڙاءُ” لطيفي ڪتابن ۾ هڪ سُٺو اضافو آهي.