اسلام آباد (م ڊ) ناليواري مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل چيو آهي ته وي پي اين تي فتويٰ غلط آهي. ٽي وي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي مولانا طارق جميل چيو ائين ته موبائل فون به حرام آهي، ان ۾ وي پي اين بنا ئي کوڙ شيون اچي وينديون آهن. هن چيو منهنجي خيال ۾ اها فتويٰ صحيح ناهي، اها تنگ ذهني آهي، درست فيصلو ناهي.