اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي وي پي اين کي غير شرعي قرار ڏيڻ جي حوالي سان وضاحت ڏيندي چيو آهي ته بيان ۾ ٽائپنگ جي غلطي ٿي، وي پي اين کي غير شرعي يا ناجائز قرار ناهي ڏنو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال بابت اجلاس ٿيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا خيالن ۽ اظهار راءِ جو اثرائتو ذريعو آهي، سوشل ميڊيا کي توهينِ مذهب، توهينِ رسالت، توهينِ صاحبه ۽ اهلبيت، فرقيواريت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا کي انتهاپسندي، دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڄاڻايل ظابطن جو خيال نه رکيو ويندو ته پوءِ سوشل ميڊيا جو استعمال غير شرعي هوندو. علامه راغب وڌيڪ چيو ته وي پي اين کي ڪنهن به غير شرعي يا ناجائز قرار ناهي ڏنو، اسان جي جاري ڪيل بيان ۾ ٽائپنگ جي غلطي هئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين جي استعمال کي غير شرعي ۽ حرام قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ گهرو وزارت طرفان پي ٽي اي کي هڪ خط لکي غير رجسٽرڊ وي پي اين بند ڪرڻ جو چيو ويو هو، پي ٽي اي گهرو وزارت جي خط تي عملدرآمد ڪندي ڪيئي وي پي اينز کي بند ڪري ڇڏيو آهي.