اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران وي پي اين جو استعمال غير شرعي قرار ڏيڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، ان معاملي تي سوال اٿاريو ويو، دلچسپ تبصرن جو سلسلو به جاري رهيو، ان سلسلي ۾ اي ڊي جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين استعمال ڪرڻ غير شرعي آھي.  اسلامي نظرياتي ڪائونسل آف پاڪستان اهڙي فتويٰ ڏني آهي، جنهن تي مير جابر جمالي لکيو ته بس هاڻ اهو ڪم رهيو اٿن، عزيز مڱريو لکيو ته ڪجهه وقت کانپوءِ چوندا ته وقت جي ضرورت آهي ۽ جائز آهي، جيئن اڳ چوندا هئا ته لائوڊ اسپيڪر شيطان جو آواز آهي حرام آهي اهو ناجائز آهي، فوٽ مطلب تصوير ڪڍرائڻ  بت پرستي آهي پر پاڻ ئي تصويرون ڪڍرائڻ کان ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ لڳا، عديل مهر لکيو ته سڀني کي خبر آهي ته “اسلامي نظرياتي ڪائونسل” سرڪاري ادارو آهي، ان جو سربراهه نواز شريف جو ٿورائتو مولوي لڳل آهي، ان جي سربراهي ۾ هي ادارو حڪومت جي خدمت ڪري رهيو آهي، فيصلو حڪومت جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي. ڪائونسل جي فيصلي کي مولانا طارق جميل غلط قرار ڏنو آهي. باقي وي پي اين خود حرام شيءِ ناهي، ان جو غلط استعمال حرام ٿي سگهي ٿو. ناظم ايچ پنهور، يعقوب جوکيو، مشتاق پرهياڙ، آفتاب جمالي به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، علي نواز لکيو ته ھر چوري جو ڪم ناجائز ھوندو آھي  اھا چوري پوءِ ڪھڙي طريقي جي به ھجي vpn معني چوري، سعودي حڪومت ته vpn يوز ڪندڙن کي سزا به ڏيندي آھي، مير حاجن مير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين حرام. باقي فيس بوڪ حلال آ الائي حرام؟ ناجي چنا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هنن جي مرضي آھي.. ڪڏھن ڪرڪيٽ ڏسڻ تي فتويٰ ھئي اڄ وي پي اين به غير شرعي…شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دنيا 7G تي پهچي وئي پاڻ وٽ واٽس ايپ به وي پي اين تي به ڌِڪي تي هلي پر اسلامي جھموري ملڪ ۾ اهوبه غير شرعي آهي، جنهن تي ايم صفر گوپانگ لکيو ته آخري حد آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سوڌو ٻين سياسي پارٽين جا اڳواڻ پاڻ وي پي اين استعمال ڪندا آهن، امجد علي به ردعمل ڏنو،فرمان خاصخيلي به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. فدا حسين چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين (VPN) جي استعمال کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو، سعيد احمد لکيو ته حرام جو سلسلو لائوڊ اسپيڪر کان وي پي اين تائين پهتو. اسد ڪلهوڙو لکيو ته وي پي اين ڪافر آھي، نور نبي نور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين (VPN)غيرشرعي آھي، باقي پاڻي چورائڻ، انسانن کي قتل ڪرڻ، رشوت وٺڻ، زنا ڪرڻ، قومن جا حق کائڻ جائز آھن؟ منير سنڌيار لکيو ته ڏينهن ۾ ست ڪلاڪ وي پي اين کليل هوندو آهي هاڻ منهنجو ڇا ٿيندو؟ عبدالغفار شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي وڌيڪ پابندين جون تياريون، وي پي اين جو استعمال غير شرعي قرار ڏنو ويو آهي، بندش لاءِ پي ٽي اي کي سفارش ڪئي وئي آهي، جاويد احمداڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هتي رڳو وي پي اين غير شرعي آهي قتل غارت رشوت شرعي آهي؟ خادم رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين جو استعمال غير شرعي آھي! اسلامي نظرياتي ڪائونسل..اصل ۾ ملڪ اندر واحد غير اسلامي ڪم اھو ھو تنھنڪري فتويٰ لازمي ھئي…!!!!! عبدالخالق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انٽرنيٽ سروس پهرين ئي جڏي وري وي پي اين بند ٿا ڪن هاڻي نيٽ جو خدا حافظ آهي، گهرو وزارت پي ٽي اي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته دهشتگرد وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، وي پي اين وسيلي دهشتگردن کي بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ دهشتگردي ۾ مدد ملي رھي آھي، دھشتگرد وي پي اين ذريعي سڃاڻپ لڪائن ٿا، ساجد درس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ملڪ ۾ وي پي اين بند ڪرڻ کان ڀلو آهي ته پنهنجا ڪردار سڌاريو، يوسف سارنگ به وي پي اين بابت پوسٽ شيئر ڪئي، ذوالفقار جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نظر ۾ بيگناھه ماڻھو مارڻ، سنڌ جا وسيلا ھڙپ ڪرڻ،سياسي ڪارڪنن کي مسنگ ڪرڻ، سنڌو دريا جو رخ موڙڻ ته حلال آھي پر وي پي اين تي نيٽ ھلائڻ حرام آھي ؟ عبدالستار، غفار مرکنڊ، صدام کوسو، منظور علي، عزيز چانڊيو، اصغر ميراڻي، نورالزمان، اختر علي چنا، لال محمد چانڊيو،  منظور رند، علي رند ۽ وسيم گبول به ردعمل ڏنو. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين بند ڪرائڻ لاءِ به انهن جو استعمال ، ھنن کي ڪير سمجهائي ته ڪميونيڪيشن جي تيزيءَ سان وڌندڙ رفتار کي اوھان روڪي نٿا سگھو، سڪندر علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين اسان کي ھلائڻ ڪونه اچي مطلب اسان ان گناھه کان مفت ۾ بچي وياسين، عمران علي ڏيٿو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته انٽرنيٽ شرعي،وي پي اين غير شرعي ! جنهن تي علي محمد ميمڻ لکيو ته ويجھڙائي ۾ جيڪي شيون ايجاد ٿيون مثال ٽيليفون، ٽيليويزن، ريل گاڏي، مسجد ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر، ڇپائي واري مشين سميت ڪافي شين تي اهڙيون فتوائون لڳيون هيون، اسد علي لکيو ته مان انهي ڪري iPhone يوز ڪندو آهيان بس پرائيٽ ٽيب سڀ گناهن ثوابن کان محفوظ ٿئي رکي. عبدالرحمان ٽالپر لکيو ته انهن جو ٻيو ڪهڙو ڪم بچيو آهي، انجنيئر منير احمد خان، ظاهر حسين، صدورو ناز ڪيريو، محمد حسين ٽالپر، ممتاز ملڪ، زاهده ابڙو، اڪبر چانڊيو، منير ميمڻ ۽ ٻين به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. اقبال حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين به غير شرعي قرارا! هنن وٽ آءِ فون کان ويندي ايپل جا گيجٽس  گهرن ۾ موجود اٿن، اسڪرين ٽائيم به ٺاهوڪو ٿا استعمال ڪن، هنن جي ڪري پوري دنيا ۾ هي  ملڪ انٽرنيشنل آئسوليشن جو شڪار ٿي چڪو آهي. اعظم گل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪو چئي پيو وي پي اين هلائڻ حرام آ، اهو وري پاڻ وي پي اين تي نيٽ هلائي چئي پيو هي منھنجو يوٽيوب چئنل جي لنڪ آهي ان کي اوپن ڪري پوءِ سبسڪرائب ڪيو، قمرالدين راهمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين حرام، فيس بوڪ حلال ؟ استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي.پي.اين جو استعمال شرعي طور ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو. احسان اوٺو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان انٽرنيٽ تي وي پي اين Vpn کي استعمال ڪرڻ غيرشرعي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ حڪومت فورن وي پي اين کي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، حاجي مکڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قوم کي نئون موضوع، وي پي اين حرام آ ملي ويو، انجواءِ …مصطفيٰ مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين جي استعمال تي تڪڙي فتويٰ ڏيڻ وارا ڀلا سنڌو جي پاڻي چوري تي فتوا ڇو نٿا ڏين؟ مسلم امداد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

فوٽو حرام

ٽي وي حرام

اسپيڪر حرام

يوٽيوب جي ڪمائي حرام

هاڻي وي پي اين حرام

ظهير بسمل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين غير شرعي ۽ حرام آھي باقي سنڌو جو پاڻي چورائڻ ۽ سنڌ بلوچستان جا وسيلا ڦٻائڻ عين شرعي آهي؟ خدا ڏنو شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لائوڊ اسپيڪر کانپوءِ وي پي اين حرام باقي سڀ جائز…نصرالله لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل، انٽرنيٽ ۾ وي پي اين جي استعمال کي غيرشرعي قرار ڏئي ڇڏيو. عاشق کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دنيا 7G تي پهچي وئي هتي وي پي اين به غير شرعي قرار ڏني وئي آهي، اياز پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وي پي اين تي ته فتويٰ ڏئي ڇڏي سنڌو دريا جو زبردستي پاڻي چورائڻ وارن تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪائي فتويٰ ڇو نه ٿي ڏي؟ شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پھرين پرنٽنگ مشين حرام ھئي پوءِ لائوڊ اسپيڪر حرام ٿيو  ان بعد ٽي وي حرام ٿي  ھاڻ وري VPN غير شرعي! ھنن ماڻھن سڄي ڄمار حڪمرانن جي مقصدن لاءِ مذھب کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. عامر کوسو، زاهد کوسو، محمد نواز، عبدالرحيم ميربحر، انڙ عبدالسلام، عمراڻي نور، اختر رند، اورنگزيب شيخ ۽ ٻين به وي پي اين جي معاملي تي پوسٽون شيئر ڪيون.