اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي اي چيئرمين حفيظ الرحمان سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته وي پي اين بند ناهي ٿيو، وي پي اين کانسواءِ آءِ ٽي صنعت نٿي هلي سگهي، پي ٽي اي چيئرمين چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڃا وي پي اين هلي رهيو آهي، عام ماڻهن، فري لانسرز ۽ ڪمپنين کي وي پي اين جي ضرورت هوندي آهي، 2016ع ۾ وي پي اين رجسٽريشن پاليسي ٺهي هئي، اسان ٻيهر وي پي اين جي رجسٽريشن شروع ڪئي آهي، هيل تائين 25 هزار وي پي اينز رجسٽر ٿي چڪي آهن، آءِ ٽي جو ڪاروبار ڪندڙ چاهي ٿو سندس ڪاروبار متاثر نه ٿئي ته وي پي اين رجسٽر ڪري، وي پي اين رجسٽر هوندو ته ڪڏهن به انٽرنيٽ بند نه ٿيندي، پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته 5 لک غير اخلاقي سائيٽس کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، گذريل آچر تي 2 ڪروڙ پاڪستانين غيراخلاقي سائيٽس تائين پهچ جي ڪوشش ڪئي. سينيٽ جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪا ميٽي جو اجلاس سينيٽر پلوشه خان جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪاميٽي ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، وفاقي سيڪريٽري آءِ ٽي شرڪت نه ڪئي. چيئرمين ڪاميٽي پلوشا خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي خرابي سبب عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، نوجوان نسل جو روزگار انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي، جنهن ڏينهن اسان وزارت کان جواب گهرندا آهيون ته سامهون کان جواب ايندو آهي ته وزير مصروف آهي، هاڻي اها سموري صورتحال وزيراعظم آڏو رکنداسين. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ وفاقي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. سينيٽر افنان الله چيو ته گهرو وزارت غيرقانوني وي پي اين بلاڪ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط لکي ڇڏيو آهي، ڪاميٽي ميمبرن اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان وي پي اين کي غير قانوني قرار ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪاميٽي چيئرمين چيو ته هي مذهب جو تماشو بڻايو پيو وڃي. سينيٽر افنان الله چيوته پيڪا قانون سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي سگھي ٿو، ڇا وي پي اين سوشل ميڊيا ۾ اچي ٿي؟. سيينيٽر همايون مهمند چيو ته حڪومت وي پي اين بلاڪ ايڪس کي بند ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهي آهي. ؟ سينيٽر پلوشا خان چيو ته مان جيڪڏهن غلطم ڪرڻ چاهيان ٿي ته مان به وي پي اين رجسٽرڊ ڪرايان؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته وي پي اين ذريعي ڇا ڏسڻ چاهيان ٿي؟
وي پي اين جي رجسٽريشن لاءِ وڌيڪ 2 هفتا مهلت
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي اي پاران وي پي اين جي رجسٽريشن لاءِ وڌيڪ 2 هفتا مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته غير رجسٽرڊ وي پي اينز جي رجسٽريشن لاءِ 30 نومبر تائين مهلت ڏني ويندي، پهرين ڊسمبر کان غير رجسٽرڊ وي پي اينز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو، ذريعن موجب وي پي اين جي بندش بابت هڪ ٽرائل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيون ٽرائل ڪيو ويندو، غيررجسٽرڊ وي پي اينز سيڪيورٽي رسڪ آهن، اُنهن ذريعي حساس ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
|
وي پي اين جو استعمال غير اخلاقي مواد لاءِ ٿئي ٿو: نظرياتي ڪائونسل
اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين کي غير شرعي قرار ڏيڻ تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏيندڙ غير شرعي قرار ڏيڻ جو سبب به ڄاڻائي ڇڏيو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين چيو آهي ته وي پي اين جو استعمال اڪثر غير اخلاقي مواد لاءِ ٿي رهيو آهي، روزانو 15 ملين ڀيرا غير مهذب ويب سائيٽس تي هِٽس ٿي رهيا آهن، علامه راغب نعيمي چيو ته جيڪڏهن وي پي اين رجسٽر ڪرايو وڃي ۽ هاڪاري تنقيد ٿئي ته اُن جي استعمال ۾ ڪو عيب ناهي، جيئن اسپيڪر جو لاڳاپيل قانون جي اُبتڙ استعمال ٿئي ته اُن تي ڪيس ۽ سزا ٿيندي آهي، رجسٽرد ۽ غير رجسٽرڊ وي پي اين سان غير مهذب مواد توڙي غلط پروپيئگنڊا ڪئي وڃي ته اُهو عمل غيرشرعي هوندو، ملڪي سالميت يا ڪردار ڪشي لاءِ وي پي اين جو استعمال غير شرعي آهي.