اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وي پي اين تي پابندي خلاف داخل درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. شهري مبشر قيوم وي پي اين جي بندش خلاف داخل درخواست جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت وي پي اين تي پابندي جي فيصلي سان سڌي ريت شهري متاثر ٿيندا. سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي مڪمل پابندي لاڳو آهي. وزارت داخلا جو 15 نومبر وارو نوٽيفڪيشن بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي. عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته پابندي وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت پي ٽي اي، وفاقي گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي غير معينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.