ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس مان 55 لکن جي ماليت جي منشيات (ويڊ) هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ادڪار سجاد حسن جي گرفتار پٽ ساحر حسن جي 10 لکن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ساحر تي ڪو ٻيو ڪيس ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي، ياد رهي ته ساحر حسن هن وقت عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.