ويٽو پاور جي زنجيرن ۾ ڦاٿل اقوامِ متحده امن جو علمبردار يا سياسي غلام؟

0
30
ويٽو پاور جي زنجيرن ۾ ڦاٿل اقوامِ متحده امن جو علمبردار يا سياسي غلام؟

 هن سال 26 جون تي گڏيل قومن جي اداري جي پڌرنامي جي قبوليت کي 80 سال پورا ٿي ويا، جنهن جي سالگره سندس 193 ميمبر ملڪن جي نمائندن طرفان اهڙي وقت ۾ ملهائي وئي، جڏهن آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻيا ملڪ سندس جنرل ڪائونسل جي قراردادن کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ سلامتي ڪائونسل مان ويٽو ٿيڻ سبب قراردادون منظور ڪونه ٿيون ٿين. هن سال پاڪستان کي به اٺون دفعو سلامتي ڪائونسل جي صدارت لاءِ چونڊيو ويو آهي، جنهن تي ملڪ جو ڊپٽي وزير اعظم اسحاق ڊار، هميشه وانگر دنيا جا مسئلا حل ڪرڻ جون دعوائون پيو ڪري. حقيقت ۾ ته هن وقت گڏيل قومن جي عالمي اداري مان نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڊپ آهي. گڏيل قومن جو ادارو ٻي جنگ عظيم کان پوءِ قائم ته انهيءَ جي لاءِ ٿيو ته دنيا ۾ نئون انصاف ڀريو نظام يا آرڊر قائم ڪندو ته جيئن مستقبل جي جنگين ۽ تباهين کان بچي سگهجي. سندس انهيءَ پڌرنامي جي مهاڳ ۾ لکيل آهي ته جنگ کان بچا، قومن ۽ ماڻهن جي برابري وارن حقن جي تحفظ، انصاف، سماجي ترقي ۽ بهتر زندگي جي معيار لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. انهيءَ پڌرنامي تي شروعاتي طرح 50 ملڪن جي صحيحن کانپوءِ ساڳي سال آڪٽوبر ۾ 51 ملڪن اداري جو بنياد رکيو ۽ پڌرنامي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻيا ادارا جوڙيا ويا. پر جيئن ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ طاقت جا ٻه مرڪز قائم ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ سرمائيدار بلاڪ جي اڳواڻي آمريڪا وٽ هئي ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي سوويت يونين وٽ، انهيءَ جي ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري اداري اندر توازن رکڻ جي لاءِ جنگ ۾ فتحياب ٿيندڙ پنجن ملڪن کي ڪنهن به فيصلي کي رد يا ويٽو ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا. آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين سرمائيدار بلاڪ ۾ هئا ۽ سوويت يونين واحد ڪميونسٽ ملڪ هو، جنهن کي اهو اختيار هو، پر چين جي 1949 واري سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ سوشلسٽ بلاڪ جا ٻه ووٽ ٿي ويا. ٻي جنگ عظيم ۾ پنج ڪروڙ کان وڌيڪ انسانن جي مارجي وڃڻ، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪا جي ڪيرايل موتمار ائٽم بمن سبب جاپان جي لکين عام شهرين جي مارجڻ جي ڪري گڏيل قومن جي اداري جو بنياد ته پيو، پر اڄ دنيا جي مختلف حصن ۾ پراڻو وحشت وارو قانون لاڳو آهي ته، “جيڪو ڏاڍو، سو گابو” يا “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا”. گڏيل قومن جي اداري قائم ٿيڻ سان هڪ نئين اميد پيدا ٿي هئي، جنهن جو مقصد هو جنگين کي روڪڻ، قومن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ، ۽ انسان ذات جي حقن جو تحفظ ڪرڻ. پر هاڻي 80 سالن کانپوءِ، گڏيل قومن جو ادارو بظاهر ته قائم آهي، پر عملي طور تي بيوس، بي اثر ۽ عالمي طاقتن جي سياست وٽ يرغمال بڻيل نظر اچي ٿو.

گڏيل قومن جي اداري جو بنيادي اصول اهو هو ته دنيا ۾ ڪابه قوم ٻي قوم تي ناجائز حملو ڪونه ڪندي، طاقت جو استعمال صرف آخري قدم طور ڪيو ويندو ۽ ڪوشش ڪري سڀني مسئلن جو حل سفارتڪاري ۽ بين الاقوامي قانونن جي ذريعي ڪڍيو ويندو. پر 80 سالن گذرڻ کانپوءِ هي ادارو نٿو لڳي ته امن ۽ انصاف جو محافظ رهيو آهي. گڏيل قومن جو ادارو هاڻي ته اهڙو فورم بڻجي ويو آهي، جتي وڏيون طاقتون پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون يا وري سندن مفاد خلاف ٿيل فيصلن کي ويٽو ڪريو ڇڏين. اڄ غزه ۾ اسرائيل هٿان فلسطينين جي نسل ڪشي پئي ٿئي. هر روز اسرائيل جون فوجون سوين فلسطينين کي قتل ڪن ٿيون يا بک وگهي کين مارين پيون، پر سلامتي ڪائونسل معذور بڻيل آهي. انهيءَ اسرائيلي نسل ڪشي کي عالمي عدالتِ انصاف به اسرائيل ۽ سندس وزير اعظم نيتن ياهو کي ڏوهاري قرار ڏنو آهي، پر پوءِ به سلامتي ڪائونسل آمريڪا جي ويٽو جي ڪري به عملي قرارداد منظور ڪري نه سگهي آهي. انهيءَ جي ڪري عالمي قانون صرف غريب ۽ نڌڻڪن ملڪن جي مٿان لٺ آهي، باقي طاقتور ملڪن ۽ سندس اتحادين لاءِ ڪوبه ورلڊ آرڊر وجود ڪونه ٿو رکي. ساڳي طرح ڪشمير بابت 12 قراردادن جي منظوري کانپوءِ به ڪشميري عوام کي پنهنجي مرضي جي فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونه مليو آهي، پر مورڳو نريندر مودي جي حڪومت اندر هندستاني والار واري ڪشمير ۾ ظلم ۽ قتل عام وڌي ويو آهي.

گڏيل قومن جي اداري جي ڪمزوري ۽ ناڪامي جو اهم سبب سندس اهو ڍانچو آهي، جيڪو آمريڪا ۽ سوويت يونين جي ٻن طاقت جي مرڪزن کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا هڪ اڪيلو سپر پاور ملڪ بڻجي چڪو آهي. هن وقت روس، چين، برازيل، هندستان، ترڪي، جاپان، يورپي يونين، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ طاقتور ٿين پيا، پر جنگي ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪا کان گهڻو گهٽ آهن. انهيءَ جي ڪري آمريڪا ڪنهن به قانون جي پرواهه ڪرڻ بنا دنيا جي مختلف ملڪن تي جنگ پيو مڙهي، جنهن جو تازو مثال ايران جي ائٽمي اڏاوتن تي اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا آهن. اهڙي صورتحال جو گڏيل قومن واري اداري جي ميمبر ملڪن ڪو به حل ڪونه ڪڍيو آهي ۽ نه ئي وري ادارو دنيا ۾ امن جو محافظ ثابت ٿيو آهي.

گڏيل قومن واري اداري اندروني ڪاموراشاهي جو شڪار ٿي پنهنجي تنظيمي ڍانچي کي ايڏو ته وڏو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي هلائڻ لاءِ تمام گهڻا فنڊ گهرجن. هن وقت ٽرمپ جي حڪومت ٻين ادارن سان گڏ گڏيل قومن واري اداري جا فنڊ به تقريبن بند ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جو اثر صحت، انساني امداد، تعليم، ترقياتي پروگرامن ۽ ٻين ڪمن تي پيو آهي. اڄ ڪيترا اهم ادارا، جهڙوڪ عالمي صحت وارو ادارو، عالمي خوراڪ وارو ادارو، يونيسيف، يو اين ڊي پي، عالمي خوراڪ ۽ زراعت وارو ادارو، پناهگيرن جي واپسي ۽ جنگي متاثرن جي بحالي وارا ادارا پنهنجيون سرگرميون گهٽائي يا بند ڪري رهيا آهن.

گڏيل قومن جي اداري جي ڪمزوري سبب اڄ ڪشمير جو عوام به پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪري نه سگهيو آهي. 1948 کان 1957 تائين گڏيل قومن جي اداري ڪشمير جي معاملي تي 12 قراردادون منظور ڪيون آهن. جنهن ۾ 1948 جي قرارداد (38) ۽ 1957 جي قرارداد (122) اهم آهن، جن ۾ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مرضي مطابق هندستان يا پاڪستان سان گڏ رهڻ جي فيصلي ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي. پر افسوس ڪابه قرارداد اهڙي ڪانه آهي، جنهن ۾ گڏيل ڪشمير کي جدا آزاد ملڪ طور رهڻ جي اجازت ڏني وئي هجي. هن وقت تائين ڪشمير بابت ڪنهن به قرارداد تي عمل نه ٿيو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪنهن به وقت جنگ لڳي سگهي ٿي، جيڪا ائٽمي جنگ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿي.

هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن گڏيل قومن جو ادارو نه هجي ها ته ڇا دنيا وڌيڪ بحرانن جي شڪار نه هجي ها؟ شايد ها. ڇو ته جڏهن ڪوبه عالمي فورم نه هوندو، تڏهن عالمي سطح تي سفارتڪاري ۽ فيصلن جو تصور به ختم ٿي ويندو. بين الاقوامي قانونن، جنيوا ڪنوينشنز، عالمي عدالتن، ۽ امن جي سفارتڪاري لاءِ گڏيل قومن جهڙي اداري جي موجودگي جي اڃا تائين هڪ حد تائين ضرورت آهي. هي اهڙو ادارو آهي، جتي دشمن ملڪ به هڪ پليٽفارم تي گڏجي ڳالهائي سگهن ٿا، جتي ننڍا ملڪ به پنهنجون شڪايتون پيش ڪري سگهن ٿا، ۽ جتي امن جي فضا لاءِ ڪجھه نه ڪجھه علامتي قدم کڻڻ جو سلسلو اڃا تائين موجود آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن اداري جي ختم ٿي وڃڻ سان دنيا لاءِ هڪ نئون اڻ ڄاتل خطرناڪ دور شروع ٿي سگهي ٿو. اهڙي دور ۾ جڏهن ٽرمپ نيٽو جي ملڪن کان سندن بجيٽ جو پنج سيڪڙو هٿيارن، دفاع، جاسوسي ۽ ٻين مدن تي خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ دنيا جي ملڪن جي بجيٽ جو وڏو حصو هٿيارن، جاسوسي ٽيڪنالاجي، ڊرونز جي تياري ۽ وڏي تعداد ۾ فوج رکڻ تي خرچ ٿي رهيو آهي، تڏهن اهو سوال ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن انهيءَ جو اڌ خرچ امن، تعليم، ماحولياتي تباهي کي روڪڻ ۽ انساني صحت تي استعمال ٿئي ته ڇا دنيا وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ نه هجي ها؟ بدقسمتي سان اڄ دنيا جي طاقتور ملڪن وٽ امن جي ضرورت جنگ جي اهميت کان گهڻو گهٽ آهي ۽ انهيءَ صورتحال جي سزا دنيا جا غريب ملڪ ۽ عوام ڀوڳين پيا.

جيڪڏهن آمريڪا ۽ سندس اتحادين جو ڪمزور ملڪن، سوشلسٽ ۽ مسلمان ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي وسيلن تي قبضي واري سوچ ساڳي رهي ته گڏيل قومن واري اداري جي حيثيت ڪمزور ٿيندي رهندي، بلڪ سندس وجود خطري ۾ پئجي ويندو. پر جيڪڏهن دنيا ۾ آمريڪا سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٻيون به سگهاريون طاقتون وجود ۾ اچن ٿيون ته صورتحال بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن. گڏيل قومن جي اداري جي مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿي جو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته سندس 193 ميمبر ملڪ گڏيل قومن جي پڌرنامي تي ڪيترو عمل ڪن ٿا. خاص طرح جن ملڪن کي ويٽو ڪرڻ جو اختيار آهي. جيڪڏهن صورتحال ساڳي ٿي رهي ته ممڪن آهي گڏيل قومن جو ادارو 2045 ع ۾ پنهنجي سئو سالن واري سالگره ته ملهائي، پر عملي طرح صرف هڪڙو ڪاغذي ادارو هجي، جنهن جي ڪنهن کي به ضرورت نه هجي.

گڏيل قومن جو پڌرنامو ۽ ان جو مهاڳ اڃا تائين مڪمل طرح عمل ۾ ڪونه آيو آهي، انهيءَ تي عمل جو دارومدار طاقتور ملڪن جي مرضي ۽ فيصلن تي آهي. جن ملڪن وٽ ويٽو جو اختيار آهي، اهي ئي گڏيل قومن واري اداري جي ڪمزوري جا ذميوار آهن. خاص طرح سان آمريڪا ۽ سندس اتحادي. ڇا هن وقت آمريڪا جهڙي سرمائيداري واري سامراج جي موجودگي ۾ اهو ممڪن آهي ته دنيا ۾ امن  ۽ انصاف جو عالمي نظام قائم ٿئي؟ ڪا اهڙي دنيا تخليق ٿئي، جتي طاقتور ملڪ، ڪمزور ملڪن جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ مٿن جنگيون نه مڙهين، جتي بمبارين سبب عمارتن جا کنڊر قبرستان نه بڻجن، جتي مائرون بک وگهي ڪمزور معصوم ٻارن کي هنج ۾ کڻي خوراڪ جي ڳولا ۾ دربدر نه ٿين؟ اهو هن وقت ته ممڪن نه ٿو لڳي، پر دنيا جنهن تبديلي مان گذري پئي ۽ خود آمريڪا اندر ايندڙ مڊ ٽرم اليڪشنن جي ڪري جن تبديلين جا امڪان آهن، اهي ٿين ٿيون ته پوءِ ڪنهن بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي.